پاڪستاني مشهور فيشن ڊزائنر 47 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فيشن ڊيزائنر عاليه نذير عرف نڪي نذير 47 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
نڪي نذير جي موت جي تصديق ميڊيا جي شخصيت راحيل رائو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪئي آهي.
راحيل رائو نڪي نذير جي لاڏاڻي جي خبر شيئر ڪندي لکيو ته مون کي پنهنجي پراڻي دوست نڪي نذير جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، نڪي نه رڳو هڪ مهربان انسان هئي پر هڪ تمام سٺي دوست پڻ هئي، اسان جون هڪ ٻئي سان يادون آهن.
ٻئي طرف شوبز انڊسٽري جي ڪيترين ئي مشهور شخصيتن ڊزائنر نڪي نذير جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
نڪي نذير جي لاڏاڻي بابت سوشل ميڊيا پوسٽ تي فنڪارن به فيشن ڊيزائنر عاليه نذير جي مغفرت لاءِ دعائون گهريون آهن، جن ۾ سجل علي، حديقہ ڪياني، اشنا شاهه، اريبا حبيب، انوشا اشرف، سميع خان، فيصل ڪپاڊيا، مشڪ ڪليم، شامل آهن.
هڪ ٻي ماڊل، فلم ڊائريڪٽر ۽ ميزبان فريحا الطاف به انسٽاگرام تي ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون ۽ لکيو ته نڪي جي موت جي خبر ٻڌي سندس دل ٽٽي وئي آهي.
ياد رهي ته عاليه نذير عالمي طور تي مشهور پاڪستاني برانڊ نڪي نينا جي مالڪ هئي، اهو برانڊ عاليه ۽ نبيلا جنيد (نينا) گڏيل طور تي قائم ڪيوهو.
