گھوٽڪي: ڌاڙيلن هٿان قتل ٿيل فيصل آباد واسي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو
گهوٽڪي (رپورٽر: محمد امين سومرو ) راونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن هٿان قتل ٿي ويل فيصل آباد جي رهواسي جو لاش سول اسپتال ميرپورماٿيلو مان ضروري ڪارروائي بعد سندس وارثن حوالي، اسان جو ڀاءُ 15 ڏينهن کان ڌاڙيلن جي قبضي ۾ هيو ڌاڙيل اسان کان پهرين هڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ گهري رهيا هئا بعد ۾ 25 لک روپيا ڀنگ گهريو هو، اطلاع مليو ته اوھان جو ڀاء مارجي ويو آهي، شھباز راجپوت تفصيل موجب گذريل ڏينھن رونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن هٿان قتل ٿي ويل فيصل آباد جي رهواسي، ياسين ولد ثناالله راجپوت جو لاش سول اسپتال ميرپورماٿيلو مان ضروري ڪارروائي بعد سندس وارثن شھباز راجپوت حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته لاش وصول ڪندڙ ٻڌايو ته اسان جو ڀاءُ 15 ڏينهن کان ڌاڙيلن جي قبضي ۾ هيو ڌاڙيل اسان کان پهرين هڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ گهري رهيا هئا بعد ۾ 25 لک روپيا ڀنگ گهريو هو، اطلاع مليو ته اوھان جو ڀاء مارجي ويو آهي، هن چيو ته ظالمن اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي، هن چيو ته منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪندڙ جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن مارجي ويل ٻئي مغوي جو لاش ھن وقت بہ اسپتال جي سرد خاني ۾ پيل آھن جنھن جا وارث ناھن پھتا
جُون 6, 2023