ڪرينا ڪپور ۾ شروع کان ئي سپر اسٽار واري ڪوالٽي هئي: شاهد ڪپور
ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور جي تعريف ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب شاهد ڪپور ان حوالي سان به ڳالهايو ته جڏهن هو سيف علي خان سان ملندو ته ڇا چوندو.
شاهد ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور جي افيئر جون خبرون ڪيترائي سال گردش ڪنديون رهيون پر پوءِ ٻنهي جا رستا ڌار ٿي ويا.
انٽرويو ڏيندي شاهد ڪپور سيف علي خان بابت ٻڌايو ته جڏهن هو هن سان ملندو ته رڳو هاءِ چوندو.
هو چوي ٿو ته مون کي خبر ناهي، منهنجي خيال ۾ اسان هاءِ چونداسين. اسان هڪ ئي جم ويندا هئاسين. اسان گڏ فلم ۾ به ڪم ڪيو آهي.
ڪرينا ڪپور بابت اداڪار جو چوڻ هو ته سندس پهرين فلم کان ئي هن ۾ سپر اسٽار واري ڪوالٽي هئي. اها سندس خاص ڳالهه هئي.
