ڏوڪري : آبادگارن جو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاھرو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار، ايريگيشن کاتي پاران سونهري ريگوليٽر ۾ پاڻي نه پهچي سگهيو، آبادگارن جو احتجاج، ڏوڪري تعلقي ۾ هزارين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل پاڻي جي کوٽ سبب پوکجي نه سگهيو، ايريگيشن عملي پاران شاخن ۾ پاڻي ڇڏيڻ بدران ڳري رشوت طلب ڪري ورتي، ان ڏس ۾ آبادگارن غلام حسين سولنگي، نثار احمد چنہ، علي بخش، يوسي وڪڙو چيئرمين شڪيل احمد سولنگي ۽ ٻين ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايريگيشن عملي سونهري ريگيوليٽر سميت مختلف ريگيوليٽرن ۾ پاڻي ناهي ڇڏي رهيا جنهن سبب هزارين ايڪڙن تي ساريالو فصل جو ٻيجارو سڪي سڙي رهيو آهي. هنن چيو ته گذريل برساتن سبب آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ٿيو هو هاڻي ايريگيشن کاتو پاڻي نه ڇڏي آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير سونهري ريگيوليٽر سميت مختلف ريگيوليٽرن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي
جُون 6, 2023