ڊي ايس پي ڏوڪري جي گن مين ھٿان زخمي پورھيت جو احتجاج  

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڊي ايس پي ڏوڪري جي گن مين ھٿيارن جا ڌڪ ھڻي پورهيت کي زخمي ڪري ڇڏيو.مان گوليمار مقام تي مزارن جي ٻھاري ڏيندو آهيان ڊي ايس جو گن مين ۽ ٻين تشدد ڪري ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي، ڏوڪري پوليس اعلاج لاءِ ليٽر به نٿي ڏئي، انصاف ڪيو وڃي ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ محرم چانڊيو جو رهواسي ميرل چانڊيو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. ھنن چيو اڄ مان مقام ۾ قبرن تي ٻھاري ڏئي رهيو ھيس تہ ڊي ايس پي ڏوڪري جو گن مين غلام ٻگھيو، زاھد شاھ،زاهد مڱڻهار  چيو تہ مقام ڇڏي ھليو وڃ چيم تہ مان مقام جو مجاور آهيان ٻهاري ڏيندو آهيان ته ھنن مون تي تشدد جو نشانو بڻائي سرڪاري ھٿيار سان ٻانهن ۾ ڌڪ ھنيا ۽ ڌمڪيون ڏئي ھليا ويا. ھن چيو ته مان غريب مسڪين ماڻهو آهيان مون ڪنهن جو ڪھڙو ڏوھ ڪيو آهي. ھن چيو ته مان ڏوڪري ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس ميڊيڪل لاءِ ليٽر نٿي ڏئي تہ مان اعلاج ڪريان. هن چيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته مونسان انصاف ڪيو ٻي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪندس

جُون 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو