چوٽياريون: شھيد ظفر مري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران احتجاج

Spread the love

چوٽياريون ( رپورٽ: علي گل منڱريو) پيرومل شھر ۾ معمولي ڳالھ تان بيگناھ قتل ٿي ويل شھيد ظفر مري جي قاتلن جي گرفتاري لاء سندس وارثن پاران سانگهڙ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو احتجاج ۾ مري برادري پيرومل سان گڏ يڪجهتي طور انساني حقوق تنظيم انٽرنيشنل هيومين رائيٽس آرگنائيزيشن IHRO جي صوبائي صدر ڄام غلام قادر انڙ جي خصوصي حڪم تحت IHRO جي صوبائي انفارميشن سيڪريٽري علي اڪبر جوڻيجو IHRO جي ڊويزنل چيئرمين طاهر رحمان ڀٽي ۽ ضلعي صدر سيد مشتاق علي شاھ جي اڳواڻي ۾ وفد سميت انساني حقوق جي ٻي تنظيم HRJDO جي ڊويزنل صدر دائود راڄڙ ضلعي صدر غفار نظاماڻي ۽ ضلعي نائب صدر سيد لالخان شاھ جي اڳواڻي ۾ وفد شرڪت ڪئي انکان علاه سماجي اڳواڻ شاهجهان جوڻيجو حيدر آباد ميرپورخاص ۽ سانگهڙ جي وڪيلن سميت ايڊوڪيٽ سنيل ڪمار پڙھيار ايڊوڪيٽ وقار حسين جٽ ايس ٽي پي اڳواڻ جبار جوڻيجو ۽ سانگهڙ جي مختلف سماجي تنظيمن شرڪت ڪئي احتجاج دوران صحافين سان ڳالهائيندي ايڊوڪيٽ اسد نظاماڻي علي اڪبر جوڻيجو شاهجهان جوڻيجو غفار نظاماڻي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته شھيد ظفر  مري جي قتل کي 15 ڏينهن گزرڻ باوجود پوليس اڃا تائين سندس قاتل ڪاشف چانڊيو کي گرفتار ناهي ڪيو جيستائين پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪندي اسان جو احتجاج جاري رهندو احتجاج دوران روڊ بند هجڻ سبب شھر اندر گاڏين جون لائنون لڳي ويو ڊي ايس پي آصف آرائين پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ليڪن مظاهرين پاران احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو انھيء دوران ايس ايس پي سانگهڙ جي خصوصي دلچسپي وٺڻ سبب پيرومل پوليس جوابدار ڪاشف چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو ۽ اهڙي قسم جو اطلاع کڻي ڊي ايس پي سانگهڙ آصف آرائين ڌرڻي واري جڳھ تي پهتو جنهن بعد شهيد ظفر مري جي وارثن پاران تمام سماجي اڳواڻن ۽ ڌرڻي ۾ شريڪ عوام جو شڪريو ادا ڪيو ويو ۽ احتجاج ختم ڪيو ويو.

جُون 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو