پمز اسلام آباد جي ايمبولينس اٽي سمگلنگ لاءِ استعمال ٿيڻ جو انڪشاف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پمز اسپتال اسلام آباد جي ايمبولينس اٽي سمگلنگ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳي.
سرڪاري ايمبولينس ۾ اٽو آزاد ڪشمير کان راولپنڊي پهچايو ويو، سوشل ميڊيا تي اٽو لوڊ ڪرڻ جون تصويرون وائرل ٿي ويون.
ڌير ڪوٽ آزاد ڪشمير چنار اسپتال مان اٽو ايمبولينس ۾لوڊ ڪرڻ جي خبر سامهون اچڻ تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پمز انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
هن ڊپٽي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
جُون 6, 2023
