پارٽي قيادت اعتماد ڪيو آهي، عوام جي خدمت ڪري ڏيکاريندس: نذير احمد ڀٽو
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) پيپلز پارٽي قيادت طرفان يوسي چشمه جي وائيس چيئرمين نذير احمد ڀٽو کي ٽائون ڪميٽي ابراهيم حيدري جي چيئرمين لاءِ نامزد ڪرڻ تي جيالن ۾ خوشي جي لهر آهي، نذير احمد ڀٽو چيو آهي ته پارٽي قيادت اعتماد ڪيو آهي، عوام جي خدمت ڪري ڏيکاريندس. نذير احمد ڀٽو کي ٽائون چيئرمين شپ لاءِ اميدوار نامزد ڪرڻ واري اعلان بعد سوين جيالا بختاور ڳوٺ ڀٽو هائوس پهتا، جتي نذير احمد ڀٽو کي گلن جا هار پارائي واڌايون ڏنيون ويون، جڏهن ته مٺايون پڻ ورهايون ويون. ان موقعي تي نذير احمد ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي قيادت اعتماد جو اظهار ڪندي اهم ذميواري سونپڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مان پارٽي قيادت ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس. ان موقعي تي يوسي چشمه ڳوٺ جي چيئرمين عمران يوسفزئي، انفارميشن سيڪريٽري الطاف بوزدار ۽ وارڊ ڪائونسلرز سميت ٻين پڻ نذير احمد ڀٽو کي واڌايون ڏنيون
جُون 6, 2023