ٺارو شاھھ: مقتول ڌنار رحيم بخش ڪلو جو ڪيس داخل ڪيو ويو

Spread the love

ٺاروشاھ (رپورٽر: اسد سولنگي) هڪ ڏينهن اڳ ٺاروشاھ مڃٺ ڀرسان ڪچي جي علائقي ڳوٺ ميوو ڪلو ۾ چوپايو مال چاريندڙ ڌنار رحيم بخش ڪلو جو ميندي جي فصل مان تشدد ٿيل لاش ھٿ  اچڻ وارو معاملو  پوليس لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏو فوتي جي ڀاء محمد اقبال ڪلو جي فرياد تي ابڙا برادري جي ٻن نوجوانن قربان ابڙو ۽ غلام رضا ابڙو مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪرائي ورتو فوتي جي ڀا۽ محمد اقبال ڪلو ميڊيا سان ڳالائندي چيو ت منھجي ڀا۽ کي فصل ۾ مال چارڻ جي ڏوھ ۾ قتل ڪيو ويو آھي ھن چيو ضالمن اسان سان ظلم ڪيو آھي, رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٺاروشاھ رحم واسواڻو ٻڌايو ته ڪيس داخل ڪيو آھي جوابدارن جي گرفتاري لاء مختلف هنڏن تي ڇاپا هنڻي رهيا آھيون جلد قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ بيهاريو ويندو.

جُون 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو