نئين بجيٽ، پرائيز بانڊ رکندڙ هوشيار ٿي وڃن!

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي بجيٽ ۾ پرائز بانڊز تي 5 سيڪڙو واڌو ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز سامهون آئي آهي، پرائز بانڊز تي ايڊوانس ٽيڪس 15 مان وڌائي 20 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي.

وفاقي بجيٽ جون تياريون حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي ويون، وفاقي بجيٽ ۾ پرائز بانڊز تي 5 سيڪڙو واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب پرائز بانڊز تي ايڊوانس ٽيڪس 15 مان وڌائي 20 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي.

بجيٽ ۾ منافعي جي شرح تي به ٽيڪسن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، منافعي جي شرح تي ود هولڊنگ ٽيڪس 15 مان وڌائي 20 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي.

ود لوڊنگ ٽيڪس وڌائڻ سان ٽيڪس گذارن جي انگ ۾ واڌ ٿيندي.

جُون 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو