مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري مسئلا پيدا ڪيا آھن: حبيب تسليم
سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) شيڊ ويلفيئر ايسوسي ايشن جي اڳواڻ خبيب تسليم چيو آهي ته مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري هر ڪنهن لاءِ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن ٻارن جي تعليم به والدين تي بار بڻجي رهي آهي تعليمي خرچ نه هجڻ سبب 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم پرائڻ کان محروم آهن، ڪتاب، اسڪول بيگز، ڪاپيون نه هجڻ سبب ٻارڙا احساس ڪمتري جو شڪار آهن جنهن ڪري هو تعليم تي ڌيان نه ڏئي سگهندا آهن، جنهن ڪري مستقبل جي معمارن جو ٹیلنٽ ضايع ٿي رهيو آهي، اهڙن مسئلن کي نظر ۾ رکندي شيڊ ويلفيئر ايسوسي ايشن پاران مختلف اسڪولن ۾ قابل ۽ باصلاحيت ٻارن ۾ مفت ڪتاب، اسڪول بيگز، ڪاپيون ۽ اسٽيشنري ورهائي رهيا آهيون ته جيئن اهي بهتر تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر جي آچر گهٽي جي سرڪاري اسڪول ۾ شاگردن ۾ مفت ڪتاب، ڪاپيون، اسڪول بيگز ۽ اسٽيشنري ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ شيڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن معيز شمسي، شازيب خان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي خبيب تسليم وڌيڪ چيو ته تعليمي ادارن ۾ انتهائي غريب ماڻهن جي خاندانن جي ٻارن ۽ ڇوڪرين کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ جي صلاحيت آهي ۽ مخير حضرات کي به ڀرپور شرڪت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي ٻار تعليم جي خرچ کي پورو ڪري سگهن. مستقبل جي معمارن کي همٿائي سگهجي ٿو. هن چيو ته اڄ شيڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران شاگردن ۾ مفت ڪتاب، ڪاپيون، اسٽيشنري ورهائيون آهن ته جيئن هو گرمين جي موڪلن ۾ به گهرن ۾ ويهي پڙهي سگهن. انشاءَ الله مستقبل ۾ ٻين اسڪولن ۾ به مفت ڪتاب، ڪاپيون ۽ ٻيو تعليمي مواد فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.
جُون 6, 2023