ملير: ماحوليات جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان سيمينار منقعد ڪيو ويو
ملير (رپورٽ: قادر درس ) ماحوليات جي عالمي ڏڻ جي موقعي تي ملير ۾ ڪراچي رورل نيٽ ورڪ طرفان سيمينار ڪوٺايو ويو جنھن ۾ سياسي، سماجي، علمي، شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھ چيو تہ ملير جي ماحول جي تباھي ان وقت ئي شروع ٿي جڏھن ريتي بجري کي کنيو پئي ويو ماضي جو سرسبز ۽ خوشحال ضلعو ملير اڄ ناگوري جي 8 سئو کان وڌيڪ واڙن بحريا ٽائون جي گند جي ڇوڙ سبب گند جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي نديون نالا ۽ ڊيم بدبودار گندي پاڻي سان ڀرجي ويا آهن انساني حياتيون ،زورگار جا وسيلا ۽ ملير جي وجود کي بچائڻ لاءِ جدوجهد هر پرامن رستو اختيار ڪنداسين ماحوليات جي ماھر صديق بلوچ چيو تہ ملير ايڪسپريس وي ملير ۾ جاري آبادڪاري سرسبز علائقي کي تباه ڪرڻ ، قدرتي ماحول کي گهيري ۾ آڻيندڙ خطرهه پوري علائقي کي تباه ڪري ڇڏيندا جنهن تي اعتراض ثبوت ۽ دليل ڪٿي پيش ڪجن جيڪي ادارا اعتراض ٻڌڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن اهي رڳو ڪاغذن جو پيٽ ڀري ٽائيم پاس ڪري رهيا آهن جنهن سان مسئلا ختم ٿيڻ بدران وڌندا ۽ ماڻهن ۾ بيچيني مزاحمت جو روپ اختيار ڪري سگهي ٿي ڪورٽ جي حڪمن تي بہ عمل نٿو ڪيو وڃي آئون جلد ئي توھين عدالت جو ڪيس داخل ڪرڻ وارو آھي ن ليگ اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي چيو تہ ملير ۾ ماحوليات جي تباهي آڻيندڙ سنڌ جي حڪمران جماعت پاران ملير مان ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي اسين ان ڍونگ کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا، سرسبز ملير جي تباهي جي سب کان وڏي ذميدار حڪمران جماعت آهي جنهن ملير جي زراعت کي هٿ وٺي تباھ ڪيو آهي ماضي جي زراعت جي نعمت سان شاهوڪار ملير زميندارن جو پاڻي بند ڪري زمينون ڀڳڙن جي مٺ تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو ڊاڪٽر رضوان اللہ خان چيو تہ نديون انرجي پيدا ڪن ٿيون ان جي بحالي لاءِ مقامي ماڻھن کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو وقت جي ضرورت آھي تہ ھاڻ سجاڳ ٿيڻ گھرجي ان موقعي تي فيض محمد پالاري، سامي ميمڻ، امير بخش خاصخيلي، خليل واڍيلو، يونس خاصخيلي، حفيظ بلوچ، سليم جي ميمڻ، اسلم ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو
جُون 6, 2023