مرکپور لنڊ محلي واسين جو  بي سيڪشن پوليس دادو خلاف احتجاج

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي)مرکپور لنڊ محلا جي رهواسين مسمات وحيده.مڙس گوگهٽ ڏاڪڻ معصوم ٻارن بلاول.حفيظ.سميرا ۽ ٻين بااثر نياڻي ۽ بي سيڪشن پوليس دادو خلاف احتجاج ڪري نعري بازي ڪري دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو ته ميهڙ جو رهواسي جعلي صحافي بليڪ ميلر انور کوکر 3 سال اڳ منهنجي ڌي نصرت سان شادي ڪئي هڪ سال اڳ کيس پٽ ڄائو جيڪو ڇٺي رات ميهڙ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. انور کوکر زال نصرت تي پنهنجي ماسات ثناءۡ اللهّ سان ڪاري جو الزام هڻي گهران ڪڍي ڇڏيو.جنهن مڙس جي تشدد کان تنگ اچي قمبر جي عدالت ۾ طلاق جي دعوىٰٖٖٖ داخل ڪئي آھي. زال ۽ ساهرن تي پٽ گم ڪرڻ ۽ 25 لک جو سامان کڻي وڃڻ جا ڪوڙا الزام هڻي رهيو آھي.ظالم 15 مئي تي گهر ۾ گهڙي پسٽل سان فائر ڪري 8 سالا پٽ بلاول کي زخمي ڪري فرار ٿي ويو واقعي جو ڪيس بي سيڪشن پوليس نه ورتو اسان قرض کڻي پٽ کي حيدرآباد اسپتال علاج لاء کڻي وياسين.بااثر انور کوکر هفتي ٻئي هفتي اسان جي در تي فائرنگ ڪندو رهي ٿو.ڌمڪين جا ميسيج موڪلي خاندان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري رهيو آهي.جنهن جا ثبوت ميڊيا کي ڏيکاريا ويا.هنن سيشن جج دادو آء جي سنڌ. ڊي آء جي حيدرآباد.ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته ظالم بااثر انور کوکر خلاف ڪيس داخل ڪري اسان کي تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

جُون 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو