فرانس واقعي تي اڳوڻي آرمي چيف جو رد عمل به اچي ويو
لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان فرانس ۾ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۾ امڪاني طور تي افغان شهري پنهنجي مادري ٻولي ۾ کيس گهٽ وڌ ڳالهايو پر فوج جي اڳوڻي سربراهه صبر جو مظاهرو ڪندي کيس رڳو اهو چيو ته مان پوليس کي ٿو گهرايان جڏهن ته سندس گهرواري کيس نظرانداز ڪرڻ جي صلاح ڏني.
ان حوالي سان صحافي منصور علي خان رابطو ڪرڻ بعد جنرل قمر جاويد باجوا جو موقف به ڏنو آهي.
جنرل باجوا جنهن ريت واقعي جا تفصيل ٻڌايا اهي منصور علي خان موجب، موقعي تي جنرل باجوا جي گهرواري، پٽ ۽ ننهن به موجود هئا، پٽ ۽ ننهن پارڪنگ مان گاڏي ڪاهڻ ويا هئا ۽ جڏهن ان شخص کيس اڪيلو ڏٺو ته وڊيو ٺاهڻ شروع ڪيائين، هي شخص جيڪو به ڳالهائي رهيو آهي اهو 20 کان 25 سيڪنڊ آهي، هن اهو جنرل باجوا سامهون نه چيو پر ان حصي کي بعد ۾ ايڊٽ ڪيو ويو. شروع ۾ جنرل باجوا چيو ته مان هاڻي آرمي چيف نه آهيان، جڏهن اهو شخص بدڪلامي ڪري ٿو ته اهو حصو ايڊٽ ڪيو ويو آهي.
آڊيو ۾ اهو شخص چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته منهنجي پٺيان پوليس پوليس بيٺي آهي جيڪڏهن پوليس نه هجي ها ته مان حملو ڪيان ها.
منصور علي خان جو چوڻ هو ته مان پتو لڳايو آهي ته ان وقعي جي ڪا شڪايت ڪئي وئي؟
ته جواب ڏنو ويو ته ڪا شڪايت ناهي ڪئي وئي، اتي ڪا ڪيمرا به نه هئي، جنرل باجوا سوچيو ته مان ان جي وڊيو ٺاهيان ٿو پر پوءِ هن ان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ اتان هليو ويو.
