شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پاران سيمينارمنعقد ڪيو ويو

Spread the love

سکر/خيرپور (رپورٽ: امدداد علي گل ڪلوڙ) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي اڪنامڪس شعبي جي انتظام ھيٺ پاڪستان جي سنگين پاليسي بحران (سياسي، معاشي، عدالتي ۽ سيڪيورٽي) ۽ انهن جي حل تي هڪ ڏينهن وارو سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ڪئي جڏهن ته ناڻي بابت وزير اعلي سنڌ جو اڳوڻو صلاحڪار سيد اسد علي شاهه جيلاني خاص مهمان هو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو تہ آءُ سيد اسد علي شاهه جي ڳالهه ٻولھہ مان ڏاڍو متاثر ٿيو آھيان. ھن مختلف پاليسين جي مسئلن تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو آھي. هن چيو ته اسان کي عزم ۽ حوصلي سان ملڪ جي ترقي لاءِ زندگي جي هر شعبي ۾ محنت ڪرڻي پوندي. ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته وقت جي ضرورت آھي ته بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سمورن کاتن کي ٻيهر منظم ڪيو وڃي. هن نوجوانن کي صلاح ڏني ته هو سرڪاري نوڪرين تي ڀروسو ڪرڻ بدران پنهنجي مدد پاڻ تحت ننڍو ڪاروبار شروع ڪن. ڊاڪٽر ابوپوٽو چيو تہ آءُ سيد اسد علي شاهه جو ٿورائتو آهيان جن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي يونيورسٽي جو دورو ڪيو ۽ شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. سيد اسد علي شاھ پنھنجي خصوصي خطاب ۾ چيو تہ هن وقت پاڪستان معاشي، سياسي ۽ حڪمراني جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته انساني وسيلن، تعليم ۽ ڪاروبار انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. اسان 40 سالن کان وڏي مالياتي خساري کي منهن ڏئي رهيا آهيون، 40 سيڪڙو مهانگائي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ کاڌي پيتي جا اگهه آسمان ڏانهن وڌي رهيا آهن. کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. جيتري قدر معيشت جو تعلق آهي اسان وٽ تمام گهٽ مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) آهي. فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن ٽيڪسٽائل انڊسٽري بحران جو شڪار آھي. سيد اسد علي شاهه سياسي بحران تي روشني وڌي. هن چيو ته سياسي اڳواڻن، اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز ۾ ورهاست آھي. سياستدانن عوام سان خيالي واعدا ڪيا آھن. سياسي منشور تي عمل نه ٿو ٿئي. ڪرپشن پنهنجي انتها تي آهي، مدابراڻا قيادت جو فقدان آهي. پارٽين اندر شفاف چونڊون نہ پيون ٿين. هن چيو ته عوام جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ واضح سياسي روڊ ميپ جي ضرورت آهي. 18هين ترميم تي عملي طور تي عمل ناهي ٿي سگهيو. هن بيوروڪريسي ۾ احتساب آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن عوام جا بنيادي مسئلا جهڙوڪ تعليم ۽ صحت وغيره حل ٿي سگهن. هن چيو ته انساني وسيلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي،  عزم ۽ حوصلي جي بنياد تي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سياسي استحڪام، معيشت جي بحالي ۽ پاور سيڪٽر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف قدم کنيا وڃن، ادارن جي ڪارڪردگي ۽ نجڪاري لاءِ به موثر قدم کنيا وڃن. هن چيو ته نئين دور ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سبب 4.8 ارب ماڻھون سوشل ميڊيا استعمال ڪري رھيا آهن. هاڻي ھي دنيا هڪ ڊجيٽل دنيا آهي. نوجوان ٽيڪنالاجي جو مثبت استعمال ڪري سگهن ٿا. ان کان علاوه، تبديلي ۽ ترقي لاء انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز چيو تہ ٽيڪس چوري کي ختم ڪرڻ ۽ ٽيڪس وصولي ذريعي ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. اسان کي ٽيڪس ڄار جي مدد سان سماج ۾ ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏيڻو پوندو. پروفيسر ڊاڪٽر امير حسين شر ڊين فيڪلٽي آف مينجمنٽ سائنسز سيد اسد علي شاھ جو سيمينار ۾ خطاب ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ سيمينار منعقد ڪرائڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو کي ساراھيو. ان ڳان اڳ اڪنامڪس شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد سليم راھپوٽو مھمانن ۽ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار پيش ڪيون ۽ سيمينار جي مقصدن بابت آگاھي ڏني. سيمينار ۾ وائيس چانسلر جي صلاحڪار براءِ اڪيڊمڪس پروفيسر ڊاڪٽر مينهون خان لغاري، ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو، عاشق علي لاشاري، عشرت علي ميراڻي، سرمد راحت، نصير مراد شيخ، انجنيئر فيض محمد ڦلپوٽو، ڊاڪٽر علي رضا لاشاري، ڊاڪٽر ماجد حسين ڦل، زوھيب شفقت ميمڻ، محمد اسلم پلھ، عمير راجپوت، استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض طوبہ شفق سرانجام ڏنا. ھوڏانھن پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ۽ سيد اسد علي شاهه ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان اسٽوڊنٽ سوسائٽي سينٽر جي مکيه لان ۾ ٻوٽو لڳايو. سيد اسد علي شاهه مختلف اسٽوڊنٽ سوسائٽين جي شاگردن سان ملاقات ڪئي. هن وائيس چانسلر ۽ شاگردن جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.

جُون 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو