سکر : واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ يونين پاران جميل ٻرڙو جي بازيابي لاءِ احتجاج

Spread the love

سکر ( رپورٽ .امداد علي گل ڪلوڙ )آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين سکر پاران سيپڪو ملازم جميل احمد ٻرڙو جي بازيابي لاء احتجاجي اجلاس بعد سيپڪو ڊويزنل يونين آفيس کان ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب ٻاهران مظاهرو ڪيو۔ احتجاجي ريلي جي اڳواڻي ريجنل جنرل سيڪريٽري شجاع احمد  گهمرو، ريجنل وائيس چيئر مين سيد زاهد حسين شاهه، ڏاڏا ديدار حسين، عقيل احمد دايو ـ نذر محمد ميمڻ خليل احمد ڊومڪي اشفاق احمد مھر  ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن  ۽ ٻين چيو ته سيپڪو ملازم جميل احمد ٻرڙو کي 10 ڏينهن اڳ گرڊ اسٽيشن ڪرمپور مان ڊيوٽي دوران اغوا ڪيو ويو هو پر ڪشمور پوليس کيس بازياب ناهي ڪرايو جنهن سبب سيپڪو ملازم عدم تحفظ جو شڪار آھن۔ سڪيورٽي نه ملڻ سبب ملازمن ۾ مايوسي جي لهر پکڙجي وئي آھي ،اغوا ٿيل ملازم جميل احمد جي بازيابي تائين خاموشي اختيار نه ڪئي ويندي، هنن اعليٰ اختيارين کان جميل ٻرڙو جي جي بازيابي جو  نوٽيس وٺندي سيپڪو ملازمن کي هر ممڪن تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔ جيڪڏهن اغوا ٿيل ملازم کي جلد بازياب نه ڪرايو ويو علائقي جي بجلي بند ڪئي ويندي، جنهن جي سموري ذميواري لاڳاپيل کاتن تي هوندي.ريلي ۾ عبدالخالق سيٺار، جاويد عباسي، عبدالرئوف دايو، هدايت الله ڪورائي، نديم ڪورائي، عبدالشڪور ڀٽي، ، عقيل احمد منگي سميت وڏي انگ ۾ سيپڪو ملازم شامل هئا۔

جُون 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو