سکر: مختلف پوليس مقابلا، ٻھ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار
سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ ) سکر پوليس جي توبچي اهلڪارن جا هڪ ئي رات ۾ 2 جدا جدا مبينا مقابلا، ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، ساڄي ٽنگ ۾ گوڏي هيٺان گولي هڻڻ وارو رڪارڊ برقرار، خبرموجب سکر پوليس پاران مبينا مقابلن وارو سلسلو جاري آهي، سکر پوليس جي توبچي بڻيل پوليس اهلڪارن هڪ ئي رات ۾ 2 مبينا مقابلا ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان ڏس ۾ سکر پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ دعويٰ ڪئي آهي ته سکر ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد بچاءُ بند وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ ڏوهاري غلام شبير ميراڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گرم گودي واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلي دوران ڏوهاري شوڪت بگٽي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار ٿيل ڏوهاري پوليس کي مختلف ڪيسن ۾ گھربل هئا. هوڏانهن پوليس پاران ٻن مبينا مقابلن ۾ گرفتار ڪيل مبينا ڏوهارين کي ساڄي ٽنگ ۾ گوڏي هيٺان گولي لڳل هئي.
جُون 6, 2023