سکر:ساڌو ٻيلا تيرٿ آستان ۾ بابا بنکنڊي مهاراج جو ميلو ٻئي ڏينهن به جاري رھيو

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ )سکرجي سنڌو درياھ جي ٻيٽ ۾ قائم  قديمي ساڍو ٻيلا تيرٿ آستان ۾ بابا بنکنڊي مهاراج جو  160 هون ميلو ٻئي ڏينهن به جاري،هزارن جي تعداد ۾ هندو برادري سان تعلق رکندڙ مرد۔عورتون ۽ ٻارڙا پهچي ويا، سڪيورٽي جا سخت انتظام، تفصيل موجب سنڌو درياهه جي وچ ۾ واقع هندو تيرٿ آستان تي بابا بنکنڊي مهاراج جو 160 هون ساليانو ميلو ٻئي ڏينهن به ساڌو ٻيلا تيرٿ آستان تي جاري رهيو، شيو منڊلي پاران  بابا بنکندي مهاراج جي آستان  تي کاڌي پيتي لاءِ مختلف شين جا اسٽال لڳايا ويا. جڏهن ته سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا ۽ پوليس جي وڏي نفري موجود هئي،ياترين کي واڪ ٿرو گيٽ ذريعي ميلي ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وئي هئي.

جُون 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو