سيٺارجا: ڪريم برائيٽ پبلڪ ھاير سيڪنڊري اسڪول پاران تقريب منعقد ڪئي وئي
سيٺارجا ( ذوالفقار انصاري ) سيٺارجا شھر جي بھترين تعليمي اداري ڪريم برائيٽ پبلڪ ھاير سيڪنڊري اسڪول جي پاران ڪلاس نرسري کان اٺين تائين جي ٻارڙن جي ساليانه امتحان جو نتيجو پڌرو ڪرڻ ۽ بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ شيلڊون ۽ ميڊل ورھائڻ جي سلسلي ۾ ھڪ شاندار تقريب الرحمان شادي ھال سيٺارجا ۾ ٿي گذي جنھن ۾ اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻارڙن . سندن والدين . شھر جي نيڪ مردن . صحافين . چونڊيل نمائندن چئرمين ڪامران عباس ڪٻر . ڪائونسلرن محمد صادق لنڊ . غلام عباس نول . امير حسين خاصخيلي . ممتاز حسين سھتو . سردارزاده رياض حسين سھتو . پروفيسر عبدالطيف راڄپر . وڏيرو نذير احمد سھتو . رسول بخش سھتو . محمد نواز ڀٽي . ڊاڪٽر نورالحق . بابو خادم علي ھيسباڻي . ذوالفقار علي انصاري . حسين بخش ڪٻر . علي عبدالله سھتو . محمد اڪرم حاجي آغا نظام الدين لنڊ سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي . ان موقعي تي اسڪول جي ٻارڙن تقريرن ذريعي علم جي اھميت کي اجاگر ڪيو جڏھن ته ان حوالي سان ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا . پروگرام ۾ لاھور کان خصوصي طور آيل شعبده باز فرمان علي مختلف ڪرتب ڏيکاري آيل مھمانن ۽ ٻارڙن کي لطف اندوز ڪيو . ان موقعي تي اسڪول جي ايڊمنسٽريٽر استاد اياز حسين سھتو چيو ته ڪي بي اسڪول سسٽم جو بنيادي مقصد بھتر تعليم ۽ ٻارن جي اخلاقي تربيت ڪرڻ آھي ۽ اڄ جي پروگرام ۾ ٻارن سان گڏ والدين جي ڀرپور شرڪت ڏسي خوشي ٿي آھي ته انھن کي پنھنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت جو مڪمل اونھون آھي جڏھن ته آيل مھمانن ڪي بي پبلڪ اسڪول جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي …
جُون 6, 2023