سرفراز احمد ڪراچيءَ جو سلمان خان قرار

Spread the love

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي ڪراچيءَ جو سلمان خان قرار ڏئي ڇڏيو .

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي فاسٽ بالر حسن علي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ کيس ڪاري رنگ جي ٿري پيس سوٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

حسن علي، سرفراز احمد جي تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته ” ڪراچيءَ جو سلمان خان“.

فاسٽ بالر سرفراز احمد جي ساراهه ڪندي کيس هينڊسم لکيو ۽ گڏوگڏ ” ميرا ڪپتان “ جو هيش ٽيگ به استعمال ڪيو.

حسن علي طرفان شيئر ڪيل سرفراز احمد جي تصوير هزارين جي انگ ۾ واهپيدار ڏسي چڪا آهن ۽ ان تي دلچسپ تبصرا پڻ ڪري رهيا آهن.

هڪ صارف لکيو ته ” سلمان خان فلمي هيرو آهي جڏهن ته سرفراز احمد حقيقي هيرو آهي“ .

هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته ” مون کي 2017ع جي چيمپيئنز ٽرافي ياد اچي وئي جڏهن حسن علي ۽ سرفراز احمد گڏ کيڏندا هئا“ .

جُون 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو