سانگهڙ: مقتول ظفر مري جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاج
سانگهڙ(رپورٽ: شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ويجهو پيرومل ٿاڻي جي حد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿيل ظفر مري جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاج، مقتول جي ڀاءُ ايڊووڪيٽ اسد مري جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ميرپور چوڪ بند ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ ايڊووڪيٽ اسد مري چيو ته اسان جو تعلق پڙهيل لکيل گهراڻي سان آهي پيرومل پوليس جي نااهلي جي ڪري اسان کي روڊن تي اچڻو پيو واقعي کي 12 ڏينهن گذري ويا آهن پر اصلي قاتل ڪاشف چانڊيو آزاد گهمي رهيو آهي، پوليس کيس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، هوڏانهن احتجاج دوران ڊي ايس پي آصف آرائين مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪيون ٻن ڏينهن جي مهلت گهري مظاهرين انڪار ڪري پنهنجو احتجاج جاري رکيو احتجاج دوران شهر ۾ ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ جام ٿي وئي ڪلاڪ سوا کان پوءِ ٻيهر ڊي ايس پي آصف آرائين مظاهرين وٽ پهتو ۽ ڪاشف چانڊيو جي گرفتاري ظاهر ڪئي جنهن بعد مظاهرين احتجاج ختم ڪري پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا،
جُون 6, 2023