دادو لڳ دانو چانڊيو واسي جو حيدرآباد ۽ دادو پوليس خلاف احتجاج
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو لڳ ڳوٺ دانو چانڊيو جي رهواسي منٺار چانڊيو جو حيدرآباد ۽ دادو پوليس خلاف احتجاج ڪري دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي منٺار چانڊيو چيو ته سئوٽ نوجوان ديدار پٽ وزير چانڊيو حيدرآباد سينٽر جيل تي ڀاءۡ دلدار پٽ امام بخش چانڊيو سان ملاقات لاءِ ويو ته قاسم چونڪ تان پوليس ديدار چانڊيو ء سندس دوست عامر ملاح کي کنڀي کڻي وئي آهي.حيدرآباد ۽ دادو پوليس ٻنهي نوجوانن کي گم ڪري ڇڏيو آهي.سندن موبائيل فون نمبر به بند آهن.اسان کي خدشو آهي ته حيدرآباد ۽ دادو پوليس جو انسپيڪٽر اڪبر چنو نوجوانن کي بيگناه ڪوڙو پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيندا. هن دانهيو ته دادو پوليس اڳ به نوجوان ديدار جي والد وزير چانڊيو کي ڦل فرائي ڪيو هو. هن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي حيدر آباد کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بيگناهه گرفتار ٿيلن نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي. اگر مٿن ڪيس آھي ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
جُون 6, 2023