بلدياتي چونڊون: پيپلزپارٽي کي صنفي فرق ختم ڪري جمھوريت پسند ھئڻ جو ثبوت ڏيڻ گھرجي
ملڪ اندر مڪاني چونڊن جون تياريون زور شور سان جاري آھن، مختلف سياسي پارٽين پاران ميونسپل ادارن جي سربراھن جي نالن کي آخري شڪل ڏني وئي آھي.اھڙي ئي تسلسل تحت سنڌ صوبي ۾ تمام وڏي سياسي سگھھ رکندڙ جمھوري پارٽي “ پاڪستان پيپلزپارٽي” جي صوبائي صدر نثار احمد کھڙو پاران پنجن ميونسپل ڪارپوريشن سميت صوبي جي سمورن ضلعن، تعلقن جي ميونپسل سربراھن جي وصول ٿيل درخواستن جو غورويچار ڪرڻ کان پوءِ گذريل ڏھاڙي اميدوارن جي نامزدگي جو حتمي طور تي اعلان ڪيو ويو. اھڙن اميدوارن جي لسٽ تي سر سري نظر ڦيرائڻ تي اھو معلوم ٿيو تھ اھڙن سمورن اميدوارن ۾ رڳو مرد اميدوار ئي ھئا، جڏھن تھ ڪنھن بھ ھڪڙي سيٽ تي “جينڊر بئلنس” طور “عورت” اميدوار سميت “ٽرانسجينڊر” جو نالو شامل نھ ھو، جنھن تي سنڌ صوبي جي سموري عوام کي دلي صدمو رسيوآھي، ڇاڪاڻ تھ ملڪ جي قانوني ڍانچي ۾ “عورتن” ۽ “ ٽرانسجينڊر” طبقي جي نمائندگي لاءِ سندس ڪوٽا مخصوص ڪئي وئي آھي، اھڙي ڪوٽا تحت اڳتي ھلي مخصوص سيٽن تي پيپلزپارٽي سميت سموريون پارٽيون ڪھڙن امدوارن جي نالن جو اعلان ڪن ٿيون، اھو مستقبل جو مامرو آھي، پر ھن وقت پيپلز پارٽي کي عام سيٽن تي عورت توڙي ٽرانسجينڊر طبقي کي نمائندگي ڏيڻ لاءِ اعلانيل نالن ۾ کين نمائندي ڏيڻ لاءِ سندن اميدوارن جو اعلان ڪرڻ کپندو ھو. ھتي اسان پيلپزپارٽي اڳيان جماعت اسلامي جو ان حوالي سان ھڪڙو شاندار مثال پيش ڪيون ٿا. جيئن تھ جماعت اسلامي کي مخصوص طبقي جي نمائندھھ جماعت تصور ڪيو ويندو آھي، ان پاران ٽرانسجينڊر کي ڪراچي جي علائقي مان سيٽ ڏيڻ وارو مثال پيش ڪرڻ تي جماعت اسلامي جي اھڙي عمل جي ساراھھ ڪيون ٿا. جماعت اسلامي پاران ٽرانسجينڊر کي اميدوار نامزد ڪري موجود “پدري” جمود واري سماج ۾ ھلچل پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ان ڪري پيپلزپارٽي کي بھ “ مرداڻي سماج” کي ھٿي وٺرائڻ بدران طبقاتي نظام کان ھٽي ڪري “ گڏيل معاشري” کي قائم ڪرڻ واري جمھوري اصولن تي ھلندي عمل ڪرڻ گھرجي. ھاڻي بھ وقت اڃان موجود آھي تھ پيپلزپارٽي کي اعلانيل اميدوارن جي نامزدگي واري اعلان ۾ توسيع ڪندي “عورت” ۽ “ ٽرانسجينڊر” طبقن جي فردن کي بھ نامزد ڪري شھيد بينظير ڀٽو جي نظريي تحت ”جمھوريت پسند” پارٽي ھئڻ جو ثبوت ڏيڻ گھرجي. ان کان سواءِ پيپلز پارٽي جي نامزد ڪيل اميدوارن جي لسٽ تحت سنڌ جي ماڻھن کي ڪيترائي تحفظات پڻ شامل آھن تھ پيپلزپارٽي پاران اميدوارن جي جاري ڪيل لسٽ ۾عوام دوست اميدوارن بدران عوام جي ناپسنديدھھ شخصيتن ۽ روايتي وڏيرن کي اميدوار طور نامزد ڪيو ويو آھي، پارٽي جو اھڙو فيصلو عوامي مفادن بدران من پسند ثابت ٿيو آھي. ان ڪري سنڌ صوبي جو عوام پيپلزپارٽي جي قيادت کان مطالبو ڪري ٿو تھ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي جاچ پڙتال ۾ ” جمھوريت پسند“، ”عوام جي مفادن” ۽ عوام جي حقيقي خدمت ڪندڙ فردن کي نظر انداز ڪرڻ بدران انھن فردن کي مڪاني چونڊن ۾ اميدوار نامزد ڪري سنڌ جي عوام جي ڳڻتي دور ڪئي وڃي.
جُون 6, 2023