اسلام تي عمل ڪرڻ سان ئي امن جي فضا قائم ٿيندي: مولانا محمد طاهر
ميرپورخاص ( بيورو رپورٽ) اسلام مڪمل ضابطه حيات آھي.اسلام کي فالو ڪرڻ سان ئي امن ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ٿيندي.مولانا محمد طاهر اهڙو اظھار جو خيال جمعيت علماء اسلام تعلقه شجاع آباد جي اجلاس دوران ڪيو.پريس سيڪرٽري قاصرنواز نهڙي طرفان جاري ڪيل پريس رليز مطابق جي يو آءتعلقه شجاع آباد جو اجلاس گذريل ڏينهن لغاري پمپ ۾ مولانا محمدطاهر شر جي صدارت هيٺ ٿيو.اجلاس کي مدرسه نورالانوار لغاري پمپ جي پرنسپل ۽ اجلاس جي ميزبان مولانا نوراحمد مري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دين اسلام ئي مسلم توڙي غير مسلم جي حقن جو ضامن آھي.جنرل سيڪرٽري حافظ محمد قاسم هنڱورجو اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جي يو آء ڏک توڙي سک ۾ عوام جي ٻانهن ٻيلي بڻيل رهي آھي ۽ مستقبل ۾ به سندن آواز بنجي ترجماني ڪندي رهندي.حافظ عبدالباسط بلالي خطاب ڪندي چيو ته جي يو آء قيادت ۽ ڪارڪنن ٻوڏن،زلزلن،ڪورونا توڙي ٻين قدرتي آفتن ۾ عوام جي بنا تفريق جي خدمت ڪئي هئي ۽ انشاءالله ماضي جيان مستقبل ۾ به جي يو آء ڪارڪن سندن سار لهندا رهندا. اميرِمحترم يونٽن جي فعالي لاء انفرادي طور ملاقاتون ڪرڻ ۽ انصارالاسلام جي رضاڪارن جي بحالي لاء يونٽن جا دورا ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون۔مجلس عامله جي عهديدارن ايندڙ اجلاس ۾ پرچم ڪشائي ڪرڻ جو عزم ڪيو۔اجلاس ۾ جنرل سيڪرٽري حافظ محمد قاسم هنڱورجو،مولانا نوراحمد مري،حافظ عبدالباسط بلالي،حافظ عبداعزيز هنڱورجو،حافظ خالد بلوچ،حافظ عاصم لغاري ۽ عابد ڀائي سميت ٻين ساٿين شرڪت ڪئي
جُون 6, 2023