وڳڻ : گڊز ٽرانسپورٽ يونين جي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاھرو  

Spread the love

وڳڻ (رپورٽر: عاجز چانڊيو) وڳڻ ۾ گڊز ٽرانسپورٽ يونين جي اڳواڻن جو احتجاجي مظاھرو  تفصيل موجب گڊز ٽرانسپورٽ يونين وڳڻ ٽائون جي صدر ضياءُ الدين خاصخيلي،مظھر چانڊيو،مجاھد ڀنگر پاران پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪجھ شر پسند عناصر اسان جي سنڌ بلوچستان گڊز ٽرانسپورٽ جي صدر راجا خان عمراڻي مٿان من گهڙت بي بنياد الزام لڳائي رھيا آھن جن جي الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي اسان راجا خان عمراڻي مٿان لڳايل الزامن جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا پڻ ان شر پسند عناصر کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته موجوده سنڌ بلوچستان گڊز ٽرانسپورٽ يونين جو صدر راجا خان عمراڻي  ھڪ بھترين فيملي سان تعلق رکي ٿو پنجٽيهه سال اڳ سنڌ بلوچستان گڊز يونين جو بنياد به سندس جي والد رکيو ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسان وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته الزام لڳائيندڙ شر پسند عناصر خلاف ڪاروائي ڪري ٻي صورت سڄي سنڌ بلوچستان اندر احتجاجي مظاھرن جي تحريڪ ھلائينداسين.

جُون 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو