سيوھڻ ۾سبزي وڪرو ڪندڙ ن ھٿراڌو  مھانگائي ڪري ڇڏي آھي: شھري

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ : محمد صفر سيوھاڻي)  سيوھڻ شھر جي سبزي دوڪاندارن ۽ سبزي وڪرو ڪندڙ گاڏي وارن ھٿرادو  مھانگائي ڪري ڇڏي آھي جڏھن ت سبزي جا ريٽ آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳا ،جڏھن ت سبزي وڪرو ڪندڙ جو چوڻ ھئو ت اسان کي سبزي مھانگي ملندي آھي ت اسان سبزي مھانگي ھلائيندا آھيون ، جڏھن ت سبزي دوڪاندار ۽ گاڏي تي سبزي وڪرو ڪندڙ ميھا  120روپيه ڪلو ڀينڊي 100 روپيه ڪلو واڱڻ 80روپيہ ڪلو جڏھن ت ٽماٽا 80 روپيہ ڪلو ۽ پٽاٽا 80 روپيه ڪلو ۽ بيھ مٽيء سان 100 روپيه ڪلو ۽ گوار 160 روپيه ڪلو عوام کي وڪرو ڪري رھيا آھن جڏھن ت گذريل ھفتي ڀاڄين جا ريٽ گھٽ ھئا ۽ ھن ھفتي ھر ھڪ ايٽم جي اگھ ۾ واڌ نظر آئي، جڏھن مون  گاڏي تي ڀاڄي وڪرو ڪندڙ  کان پڇيو ت اوھان روزآنہ ڀاڄي جا ريٽ ڇو وڌائي رھيا آھيو، جنھن تي ان  گاڏي  واري جو چوڻ ھئو ت  اسان مجبور آھيون روزآنہ سبزين جا ريٽ گھٽ وڌ ٿين ٿا، اسان ڇا ڪريون ، جڏھن ت سنڌ  حڪومت طرفان روزمره جي سبزين جي اگھن کي چيڪ ڪرڻ لاء تعلقه انتظاميه کي اختيار پڻ ڏنا آھن، پر سيوھڻ جي تعلقه انتظاميه جھڙوڪ اسسٽنٽ مختيارڪار سيوھڻ، مختيارڪار سيوھڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي ڀان   جن ڪوب روزمره جي استعمال ٿيندڙ سبزين جا ريٽ چيڪ ڪرڻ ن اچي رھيا آھن، جڏھن ت سيوھڻ جو غريب عوام تمام گھڻو پريشان نظر اچي رھيو آھي، سيوھڻ جي عوام حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪري رھي آھي ت خدارا سيوھڻ جي عوام تي رحم ڪريو ٻيو ن ت سبزي جي ريٽن تي ت ڪنٽرول ڪرايو، ت جيئن غريب سيوھڻ جو عوام پنھنجي ٻچن جو صحيح نموني پيٽ پالي سگھي.

جُون 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو