ڪنڌڪوٽ: مغوين جي بازيابي لاءِ سندن وارثن پاران احتجاجي  مظاهرو

Spread the love

ڪنڌ ڪوٽ ( رپورٽ: طلعت نظير دا يو ) ڪنڌڪوٽ ۾ڌرتي ڌڻين ۽ وارثن پاران اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو. تفصيل موجب ڌرتي ڌڻي تحريڪ ۽ اغواٿيلن جي وارثن پاران اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ سٽي پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاھري دوران آڳواڻن فقير قابل ڀيو اعجاز ملڪ زاھد خالق سولنگي فدا حسين بنگوار نجم ملڪ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوري ضعلي مان 35  ماڻھو اغوا ٿيل آھن جن ۾ ٻھ معصوم ٻار محمد عظيم ميڻڪ ۽ واجب گولو شامل آھن ۽ پوليس انهن کي بازياب نہ ڪرائي سگهي آهي ڪنڌڪوٽ شھر مان روزانو موٽرسائيڪل ۽ دڪاندارن کان ڦرون ٿي رھيون آھن پر پوليس خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري پئي ۽ پوري ضعلي جي اندر بدامني جو راڪاس ڇانيل آھي رات جو روڊ ويران نظر پيا اچن عام ماڻهو گھرن تائين محدود ٿي وڃي ٿو عوام غير محفوظ بڻجي وئي آپر قانون جي رٽ ڪٿي به نظر نه ٿي اچي ڀڳڻن جي مٺ برابر داڙيل رياست کان زور آهن سنڌ ۾ حڪومت ئي پ پ جي آھي  ايم اين اي ء ايم پي اي   سردار ڀوتار به پ پ جاآھن ۽ڌاڙيل   بہ انھن جا آھن اسان جو مطالبو آهي ته پوري ضلعي  مان اغواٿيلن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ پرامن احتجاجي جاري رھندو.

جُون 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو