ڪرپشن جي ڪيس ۾ چوڌري پرويز الاهي جي جسماني ريمانڊ جي استدعا رد، جيل حوالي

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) جوڊيشل مئجسٽريٽ لاهور پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي خلاف غير قانوني تقريرن جي ڪيس ۾ انيٽي ڪرپشن طرفان جسماني ريمانڊ جي رستدعا تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ان کان اڳ ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پنجاب جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي آڏو پيش ڪيو ويو هو. چوڌري پرويز الاهي کي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي اهلڪارن سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت آندو. جوڊيشل مئجسٽريٽ غلام مرتضيٰ ورڪ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ طرفان پرويز الاهي جي جسماني ريمانڊ جي درخواست جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي ترجمان موجب غير قانوني تقريرن جي ڪيس ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي ۾ گريڊ 17 جي 12 آفيسرن کي ميرٽ جي خلاف ڀرتي ڪيو. چوڌري پرويز الاهي کي عدالت جي ڪمري ۾ پهچايو ويو جتي هن چيو ته آئون سمجهان ٿو، غلط فهمي آهي، اهو ئي وقت آهي جڏهن ڪو ڪنهن جو ساٿ ڏيندو آهي، جيڪو ڏکي وقت ۾ پوئتي هٽندو آهي اهو ڪو انسان آهي. هن چيو ته منهنجي ليگل ٽيم گھڻي مضبطو آهي ۽ آئون مضبوطيءَ سان بيٺل آهيان. سندس چوڻ هو ته مهانگائي سبب ڪنهن کي ڪجهه ناهي ملي رهيو، اتحادين کي ٽي ٽي ڀيرا حڪومتون مليو، پي ڊي ايم هڪ ناڪام شعبو آهي. اڳوڻي وڏي وزير چيو ته اهو محسن نقوي هڪ گندو ۽ ڪُڌو انسان آهي، اهو جڏهن صبح جو اُٿندو ته سندس منهن ڪارو هوندو. هن چيو ته ڪو به هڪ ڪم ٻڌايو جيڪو هن پورو ڪيو، منهنجون سموريون دوائون بند ڪيل آهن مون کي سمهڻ به نه پيو ڏنو وڃي. پرويز الاهي چيو ته زرداري صاحب جهانگير ترين جو بچيل مال به کڻي ويندو، ايندڙ وقت ۾ پنجاب رڳو پي ٽي آءِ جو آهي، منهنجي گھر جو ٻار ٻار پي ٽي آءِ سان گڏ بيٺل آهي، منهنجو موقف فوج جي حق ۾ آهي پر منهنجي ڪوشش آهي ته خان صاحب جو موقف ان حوالي سان تبديل ٿئي. جج چيو ته مون خلاف فيسبڪ اڪائونٽ بابت مهم هلائي پئي وڃي، منهنجو ڪو به سوشل ميڊيا اڪائونٽ ناهي. اينٽي ڪرپشن جوڊيشل مئجسٽريٽ غلام مرتضٰي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي هدايت ملي آهي ته اوهان ڪيس نه ٻڌو. اينٽي ڪرپشن چيو ته سيشن جج صاحب کي درخواست ڏيڻ ويا آهيون اسان کي ڪجهه وقت گھرجي جنهن تي جوڊيشل مئجسٽريٽ چيو ته اوهان سيشن جج کي درخواست ڏيو. ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڄام صلاح الدين چيو ته مون کي هدايت ملي آيه ته اسان سيسن جج صاحب کي دخواست ڏئي رهيا آهيون. پرويز الاهي جي وڪيل چيو ته عدالت جو ٽائم ختم ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن اڄ ڊي جي صاحب پرويز الاهي کي واپس وٺي ويندو ته اسان هن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين. عدالت ڊائريڪٽر اينٽِ ڪرپشن جي استدعا تي ڪيس ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. عدالتي وقفي کان پوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي جتي جوڊيشل مئجسٽريٽ چيو ته مون وٽ پيش ڪرڻو آهي ته فائل ڏيو، آئون ڪا به موڪل ناهيان ڪندو، اينٽِي ڪرپشن طرفان وڪيلن دليل ڏنا. جوڊيشل مئجسٽريٽ پڇاڻو ڪيو ته ايف آءِ آر ۾ الزام آهي ته او ٽِ ايس جي رزلٽ کي تبديل ڪيو ويو، اُهي تبديل ٿيل پيپر ڪٿي آهن، ان تي اينٽي ڪرپشن جي وڪيل چيو ته او ٽي ايس جو رزلٽ ٽيمپر ڪيو ويو ۽ اها رزلٽ اڃا به آن لائين موجود آهي. عدالت طرفان اينٽي ڪرپشن طرفان جسماني ريمانڊ جي استدعا تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو.

جُون 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو