ڪجھھ شرپسند عناصر واپارين جي اتحاد ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا: منير ميمڻ
سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ)رشنا سينٽر ٽريڊ ايسوسي ايشن جي صدر محمد منير ميمڻ چيو آهي ته اسان هميشه مارڪيٽ جي بهتري ۽ واپارين جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ مخلص ٿي ڪري ڪم ڪيو آهي، ڪجهه مفاد پرست عناصر رشنا سينٽر ٽريڊ ايسوسي ايشن جي واپارين جي اتحاد ۾ ڏار وجهڻ جي ناڪام ڪوششن ۾ مصروف آهن. اسان اهڙن عناصرن جو سختي سان مقابلو ڪنداسين، رشنا سينٽر ٽريڊ ايسوسي ايشن ۾ انتشار، بگاڙ ۽ دهڙا بندي جي هر گز اجازت نه ڏني ويندي، سڀئي ميمبر پاڻ ۾ متحد ۽ متفق آهن، واپارين جي اتحاد جي ذريعي شر پسند عناصرن جي هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشنا سينٽر ٽريڊ ايسوسي ايشن جي منعقد ڪيل هنگامي اجلاس کي خطاب جي دوران ڪيو. اجلاس ۾ سڀني عهديدارن سي اي سي فياض احمد ماڪو، صدر محمد منير ميمڻ، جنرل سيڪريٽري نويد خان، سينئر نائب صدر رياض حسين ميمڻ، سينئر فنانس سيڪريٽري ابرار سيٺي، فنانس سيڪريٽري عبدالوهاب جعفري، ڪو فنانس سيڪريٽري اصغر جاويد مون، سينئر جوائنٽ سيڪريٽري عبدالطيف هاليپوٽو، انفارميشن سيڪريٽري جنيد رضا ملڪ، ورڪنگ ڪميٽي جي ممبرن ريحان ڪنڌر، جنيد عباسي، مولوي معروف ميمڻ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مارڪيٽ جي سڀني مسئلن تي تفصيل سان غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي محمد منير ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته مارڪيٽ ۾ ڪجهه انتشار پسند ماڻهن پاران دهڙا بندي جون ناڪام ڪوششون ناقابل برداشت آهن. اسان چور دروازي کان نه پر جمهوري انداز سان چونڊجي عهدن تي آيا آهيون. ۽ الحمد الله رشنا سينٽر ٽريڊ ايسوسي ايشن جي ميمبرن جا مسئلا بهتر انداز سان حل ڪرائي رهيا آهيون. اجلاس ۾ سڀني عهديدارن ۽ ميمبرن پاڻ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي کي برقرار رکندي ان ڳالهه جو اعادو ڪيو ته اسان هميشه پاڻ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي کي برقرار رکي ڪري ئي واپارين جا مسئلا حل ڪرايا آهن ۽ انشا الله آئنده به پاڻ ۾ اتحاد کي برقرار رکي ڪري شر پسند عناصرن جي هر سازش جو ڄمي ڪري مقابلو ڪيو ويندو.
جُون 5, 2023