ڏوڪري: ناري سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙن 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان مبينا ناري سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙن 5 جوابدارن خلاف فتع پور ٿاڻي تي ڪيس داخل، ڏوڪري ڀرسان فتع پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ گاجيديرو ۾ 17 ورهين ناري پرويزه سيال سان مبينا طور ڏاڍائي ڪندڙ پنج جوابدارن عبدالجبار، منظور، ديدار، گلزار ۽ ياسين سيال مٿان فتع پور ٿاڻي جي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. فتع پور پوليس جو چوڻ هو ته اسان ماري پرويزه سيال جي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري ناري سان انصاف ڪيو ويندو. هوڏانهن ناري جي پيءُ منٺار سيال جو چوڻ هو ته جوابدار عبدالجبار، منظور، ديدار، گلزار ۽ ياسين سيال هٿيارن سميت گهر ۾ داخل ٿي منهنجي ناري پرويزه سيال سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن جو ڪيس فتع پور ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پر پوليس هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري رهي.
جُون 5, 2023