ڏوڪري لڳ نانگ جي ڪکڻ سبب 6 ورهين جي نينگري فوت
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان نانگ جي ڪکڻ سبب 6 ورهين جي معصوم نينگري فوت، ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڇتي واهڻ ۾ 6 ورهين جي معصوم نينگري گڏي ڌي منٺار گاڏهي گهر ۾ راند کيڏي رهي هئي ته نانگ جي ڪکي وڌو، ڪکڻ سبب نينگري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڏوڪري اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته نينگري کي نانگ جي ڪکڻ سبب زهر سموري جسم ۾ ڦهلجي وڃڻ جي ڪري نينگري فوت ٿي وئي آهي. نينگري جي پيءُ منٺار گاڏهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻارڙي گهر ۾ راند کيڏي رهي هئي ته اوچتو روئڻ لڳي اسان ٻارڙي جي ويجهو آياسين ته پير مان رت وهي رهيو هو ته ٻارڙي کي فوري طور تي ڏوڪري اسپتال کڻي آياسين ته ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. هوڏانهن معصوم نينگري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته معصوم نينگري کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
جُون 5, 2023