پي ٽي آءِ ۾ آهيان ۽ پارٽي چيئرمين سان رابطو آهي: اسد قيصر

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مان تحريڪ انصاف ۾ ئي آهيان.

اسلام آباد جي ضلعي ڪچهري ۾ صحافين سان گفتگو ڪندي اسد قيصر چيو ته مان تحريڪ ۾ آهيان ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين سان رابطي ۾ آهيان.

هن چيو ته اڄ منهنجا چار ڪيس آهن.

جهانگير ترين سان رابطي جي سوال تي سندس چوڻ هو ته منهنجو ان سان ڪو رابطو ناهي ٿيو.

صحافي سوال ڪيو ته فواد چوڌري پي ٽي آءِ جي اڳواڻن سان رابطو ڪري رهيو آهي، توهان سان ڪو رابطو ٿيو؟ جنهن تي اسد قيصر چيو ته مان پي ٽي آءِ ۾ ئي آهيان.

جُون 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو