پي ٽي آءِ نوَ مئي تي جيڪو ڪيو اهو پاڪستان مٿان حملو هو: وزيراعظم
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو مُلڪ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ سياسي احتجاج کي دٻائڻ جو الزام ورغلائيندڙ آهي، نوَ مئي جي واقعن جي سمورن ذميوارن کي قانون پٽاندڙ سزا ملي رهي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف 9 مئي جي واقعن کانپوءِ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو تاثر رد ڪري چيو آهي ته پي ٽي آءِ 9 مئي تي جيڪو ڪيو اهو رياست تي حملو هو، دنيا جو ڪو به ملڪ قومي سلامتي تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي سگهي.
هن چيو ته وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ڄاڻي واڻي عالمي ۽ مقامي طور ماڻهن کي وڏي مهارت سان ورغلائي رهيو آهي، 9 مئي واقعن کي انساني حقن جي لتاڙ ۽ سياسي احتجاج کي دٻائڻ طور پيش ڪرڻ تجزئي نگارن کي دوکو ڏيڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي، 9 مئي جي وڳوڙن ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪنهن به ملڪ کي پنهنجي سلامتي تي اهڙو حملو برداشت نه هوندو، سڀني کي يقين هجڻ گهرجي ته واقعي جي ذميوارن کي قانون پٽاندڙ سزا ملي رهي آهي.
شهبازشريف چيو ته پاڪستان پنهنجي آئيني ۽ انساني حقن بابت ذميوارين جو احترام ڪري ٿو ۽ انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
