پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ سنڌ ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪندي: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سڄي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ پيپلز پارٽي جي نمائندن کي مبارڪون ڏنيون آھن.پنھنجي ھڪ بيان ۾ سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڄي سنڌ ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي آھي ۽ اھا ڪاميابي اُن ڳالھ جو ثبوت آھي ته پيپلز پارٽي سنڌ جي سڀني کان وڏي سياسي جماعت آھي.ھن چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، شھيد بينظير آباد سميت سڄي سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ پيپلز پارٽي جا ميئر ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا چيئرمين چونڊجي ايندا. هن چيو ته مڪاني چونڊن جا نتيجا ايندڙ عام چونڊن جي ريھرسل آھي، عام چونڊن ۾ به انشاءَالله پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن جيان سڄي صوبي ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي ڪلين سوئيپ ڪندي ۽ عوام جي خدمت جو سلسلو جاري رکندي. ھن چيو ته مڪاني چونڊن جا نتيجا اُن ڳالھ جو ثبوت آھن ته سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي
جُون 5, 2023