نوشهروفيروز لڳ عورت مبينه طور ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي
نوشهروفيروز (ڊ ر) ڳوٺ موندر وڳڻ ۾ 41 ورهين جي عورت مبينه طور ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آھي جنھن جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. عورت عنايت خاتون گھر ۾ لڳل پنکي ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪئي. ٻئي پاسي وارث خودڪشي ڪندڙ عورت جو لاش کڻائي سول اسپتال نوشهروفيروز پھتا جتي ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. خودڪشي ڪندڙ عورت جي ڀاءُ نور محمد ٻڌايو ته ڀيڻ ذهني طور ٺيڪ نه هئي سندس علاج هلندڙ هو.
جُون 5, 2023