نسيم شاهه شادي واري معاملي تي مداحن کي ڪهڙي صلاح ڏني؟
لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه پنهنجي مبينا مڱڻي جي خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته سندس مڱڻي جا افواهه غلط ۽ بي بنياد آهن ڇو اڃا اهڙو ڪجهه ناهي ٿيو، سمجهه ۾ نٿو اچي ته سڀئي منهنجي مڱڻي ۽ شادي ۾ ايڏي دلچسپي ڇو ٿا رکن؟.
فاسٽ بالر نسيم شاهه اڄڪلهه انگلش ليگ ٽي ٽوئنٽي وائيٽلٽي بلاسٽ ۾ کيڏڻ ۾ مصروف آهي، سندس حوالي سان گذريل ڪجهه عرصي کان سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون آهي ته ڪرڪيٽر جو مڱڻو ٿي ويو آهي.
ان حوالي سان فاسٽ بالر پاڻ به اهڙي قسم جي افواهن جي انسٽاگرام اسٽوري ذريعي ترديد ڪئي هئي پر هاڻي هڪ ڀيرو وري نسيم شاهه ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته سندس مڱڻي جا سمورا افواهه غلط آهن، حيرت ٿئي ته ماڻهو ڪرڪيٽ ۾ رانديگرن جي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏيڻ بدران اوچتو سندن شادين ۽ مصروفيتن تي ڇو ڌيان ڏيڻ لڳندا آهن؟ .
نسيم شاهه مداحن کي مشورو ڏيندي چيو ته اسان کي رڳو ڪرڪيٽ کيڏندي ڏسو شادي اسان جو ذاتي معاملو آهي ۽ جڏهن ٿيڻي هوندي تڏهين ئي ٿيندي.
