ميرپورخاص: سوشل ميڊيا پريس ڪلب جي پھرين تعارفي گڏجاڻي ٿي گذري
ميرپورخاص )رپورٽ: خدابخش چوھاڻ( ميرپورخاص سوشل ميڊيا پريس ڪلب ميرپورخاص جي پھرين تعارفي گڏجاڻي سرپرست اعلي محمد صالح ڪوري جي اڳواڻي ۾ سوشل ميڊيا پريس ڪلب ميرپورخاص جي آفيس ۾ ڪوٺائي ويئي، جنھن ۾ ضلعي ميرپورخاص جي سماجي ڪمن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ميمبرن اديب پارومل پريمي، خدا بخش چوھاڻ، محمد اسلم مھر، مرتضي ڪوري، عبدالسلام شر، قائم سولنگي، شمشاد مرڙاڻي، محمد عثمان ناريجو، محمد علي پنھور، مبارڪ علي لغاري، قربان علي لغاري، ميھر علي شر، خير محمد ميرجت، پريم چند، سائين بخش مري، فقير عرس خاصخيلي، اقبال الدين عباسي، عبدالصمد ناريجو، نويد احمد ملڪ، قاسم علي حاجاڻو، عبدالوحيد پھنور، شھباز لغاري، محمد اسحاق خاصخيلي شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ اڳتي جي لاءِ لائحه جوڙڻ ء گڏجي ڪم ڪرڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي محمد صالح ڪوري تنظيم جوڙڻ جي مقصد ء تنظيم کي فعال ڪرڻ ء ميمبرشپ وڌائڻ متعلق آگاهي ڏني ء چيو ته ھي تنظيم غير سياسي ء عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ سان گڏ ماڻهن جا مسئلا انتظاميا ء اعلي اختيارين تائين پھچائي حل ڪرڻ آھي ء ڪنھن سان ناانصافي ء زيادتي ٿيندي ته ان خلاف ھڪ آواز بڻجي گڏيل جدوجھد ڪئي ويندي. گڏجاڻي ۾ ٿئي ٿيو ته اڄ تنظيم جي نئين باڊي جوڙڻ کان اڳ ٽن مهينن لاءِ ھڪ عبوري آرگنائيزنگ ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا في الحال تنظيمي سسٽم کي ھلائي. ان موقعي تي اڪثريتي راءِ سان ھڪ آرگنائيزنگ ڪاميٽي جوڙي ويئي. جنھن ۾ قربان علي لغاري، ميھر علي شر، محمد اسحاق خاصخيلي، عبدالصمد ناريجو، شمشاد مرڙاڻي، عبدالوحيد پنھور ء سائين بخش مري چونڊيا ويا. ان موقعي تي طئي ڪيو ويو ته سوشل ميڊيا پريس ڪلب ميرپورخاص جي ھڪ ٻي گڏجاڻي 11 جون 2023 تي آچر جي ڏينهن صبح 11 وڳي سٽي ھوٽل بلديا ميرپورخاص ۾ ڪوٺائي ويندي. گڏجاڻي جي ڪاروائي اديب ء سماجي اڳواڻ پارومل پريمي ھلائي.
جُون 5, 2023