مورو: آل سنڌ لوئر اسٽاف ايجوڪيشن  جي  ايڊھاڪ باڊي چونڊي وئي

Spread the love

مورو (رپورٽ: ڪاشف علي لغاري) مورو ۾ آل سنڌ لوئر اسٽاف ايجوڪيشن  ڊپارٽمينٽ ائسوسيئيشن جي مرڪزي صدر فراز احمد ساٽي جي نگراني ۾ آل سنڌ لوئر اسٽاف ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ائسوسيئيشن ضلع نوشھرو فيروز جي  ايڊھاڪ باڊي چونڊي وئي جنهن ۾ صدر يوسف بشير سولنگي سينئر نائب صدر زبير احمد سيال نائب صدر عابد حسین زرداري جنرل سيڪريٽري سچل جتوئي جوائنٽ سيڪريٽري اعجاز چنڙ فنانس سيڪريٽري صفدر علي مشوري پريس سيڪريٽري محمد آچر ڪلهوڙو آفيس سيڪريٽري نصيرالدين پٺاڻ چونڊيا ويا بعد ۾ مرڪزي صدر فراز احمد ساٽي ضلع جي نون چونڊيل عهديدارن کي حلف کڻايو ۽ گلن جا هار پارائي مبارڪباد ڏني وئي ان موقعي تي خطاب ڪندي مرڪزي صدر فراز احمد ساٽي چيو ته تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف ملازمن جي حقن جي حاصلات لاء اسان جي ڀرپور طريقي سان جدوجهد جاري آھي ۽ انهن جا جيڪي به  حق آھن اهي حاصل ڪنداسين ۽ پورهيت ملازمن سان ٿيندڙ زيادتيون برداشت نه ڪيون وينديون  ملازمن  جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو ملازم پنهنجا ويڇا ختم ڪري هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين ته جيئن هڪ مضبوط طاقت  بڻجي حڪومت کان پنهنجا  مطالبا مڃرايون  هن چيو ته تعليم کاتي جي ٽائم اسڪيل جلد کان جلد حڪومت کان منظور ڪرائي   سنڌ جي هزارين ملازمن کي فائدو ڏيارو ويندو ۽ ٻيون جيڪي به گهرجون آھن اھي به  پوريون ڪرايون وينديون ان لاء جدوجهد سان گڏوگڏ قانوني رستو به   اختيار ڪيو ويندو هن چيو ته اسان کي اميد آھي ضلع جا چونڊيل ايڊهاڪ  عهديدار ڪم ڪري ڏيکاريندا ۽ لوئر اسٽاف ملازمن جي مسئلن جي حل لاء  پنهنجو ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪندا ان موقعي تي مرڪزي صدر فراز احمد ساٽي ۽ ضلع صدر يوسف بشير سولنگي کي سنڌ جي سوکڙي بوسڪي جا  پٽڪا پارايا ويا  گلن ۽  پئسن جا جا هار پارائي مبارڪباد ڏني وئي ۽ گل نڇاور ڪيا ويا  آيل مهمانن کي پڻ اجرڪ پارايا ويا ۽ مورو ۾ مرڪزي صدر فراز احمد ساٽي ۽ ٻيا عهديدار پهچڻ تي سندن جو شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي  هن تقريب ۾ مرڪزي اڳواڻن الياس احمد جتوئي معشوق احمد ٻرڙو حاجي الطاف ناگور پرويز پنهور قاضي وسيم احمد نزاڪت علي ڪلھوڙو منظور جمالي غلام شبير ڪلهوڙو منظور احمد لنڊ امتياز سولنگي  ساحل جتوئي مهمان خاص تعلقه ايجوڪيشن آفيسر پرائمري مورو محمد مراد ڪلهوڙو ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سچل جتوئي سر انجام ڏنا

جُون 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو