ملير: پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪارروايون، ٽي جوابدار گرفتار

Spread the love

ملير(ڊر ) ميمڻ ڳوٺ پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪري گهربل ڏوهاري سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري وٺائڻ پسٽل گوليون ۽  ڦر ڪيل موبائيل فونون هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي ،  ملير جي مختلف ۾ ڏوهي وارداتون ڪندڙ ٻن جوابدارن حارث نظر ،، شير محمد خيرو ۽ ميمڻ ڳوٺ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ سيما ميمڻ کي ڦر دوران مزاحمت تي گولي  هڻي زخمي ڪندڙ جوابدار سڪندر کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي، ميمڻ ڳوٺ پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدار اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث آهن مختلف جاين تي شهرين کان موٽر سائيڪل سميت ڦرون ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي گرفتار ڪيل جوابدار پاران ميمڻ ڳوٺ ۾ عورت کي ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري زخمي ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي وڌيڪ جاچ دوران گرفتار ڪيل جوابدارن پاران ملير ضلعي جي مختلف علائقن شاہ لطيف، اسٽيل ٽائون، ملير سٽي، گڏاپ سٽي ،ملير ڪينٽ ،کوکراپار ڪورنگي ۾ پڻ ڏوهي وارداتون ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي ايس ايچ او ميمڻ ڳوٺ جو چوڻ آهي ته جوابدارن جو ڪراچي جي مختلف ٿاڻن مان ريڪارڊ گهرايو ويو آهي سندن CRO ڪري وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

جُون 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو