ملير: سول سوسائٽي ۽ صحافين پاران احتجاجي مظاھرو

Spread the love

ملير(ڊ ر)ملير جي سول سوسائٽي ۽صحافين جو عوامي پريس ڪلب ملي آڏو سنڌي ميڊيا جي رستاروڪ خلاف احتجاج، جاوبادرن کي گرفتار ڪرڻسنڌي ميڊيا کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو تفصيل موجب ملير جي سول سوسائٽي ۽صحافين پاران عوامي پريس ڪلب ملير ميمڻ ڳوٺ آڏو سنڌي ميڊيا جي رستاروڪ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنه جي اڳواڻي صحافي علي نڪرج ، پريس ڪلب جي نائب صدر عنايت قمبراڻي،لطيف بلوچ،آزاد يونس،تنوير خاصخيلي، سماجي اڳواڻ امير بخش خاصخيلي، سليم جي ميمڻ،اسلم ميمڻ ، قومي عوامي تحريڪ جي عابد عباسي، ۽ نظير سنڌيلي ڪري رهيا هئا ان موقعي تي سنچي ميڊيا خلاف انقامي ڪاراويون بند ڪريو حملي آور گرفتار ڪريو جي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي سياسي سماجي اڳاوڻ احٽجاج کي خطاب ڪندي چيو ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي مظلوم عوام جو آواز بڻيل مقامي سنڌي اخبار جا بنڊل سنڌي ميڊيا جي  رستا روڪ ڪئي ويئي پئي وڃي   ، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هنن چيو ته سنڌي ميڊيا سنڌ جي مظلوم عوام جو حقيقي آواز آهي، ان جي رستا روڪ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي،سنڌ جي ھر ٻرندڙ اشو تي سنڌي ميڊيا ئي سنڌ جي عوام جي حقيقي مسئلن کي اجاڳر ڪري ٿي، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌي ميڊِا  جي رستا روڪ ۾ ملوث ماڻهن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي

جُون 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو