شهيدن جي بي حرمتي ڪندڙ کي عبرت جو نشان بڻائينداسين: مريم نواز
باغ (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جيڪو چوندو هو مان اڪيلو ئي ڪافي آهيان، انهن کي روئايندس، اڄ اڪيلو ويهي پاڻ روئي رهيو آهي.
باغ آزاد ڪشمير ۾ جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جيڪو شهيدن جي بي حرمتي ڪري، انهن جي يادگارن کي ساڙي، انهن جهازن کي باهه ڏئي، جن دشمنن جي جهازن کي ڪيرايو، اهو اسان مان نٿو ٿي سگهي ۽ اهو پاڪستاني به نٿو ٿي سگهي.
هن چيو ته جيڪو اسان جي شهيدن جي يادگارن کي ساڙي، اسان ان جو احترام نه ڪنداسين، ن ليگ کي ٽوڙڻ جا خواب ڏسندڙ پي ٽي آءِ اڄ ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي آهي، جيڪو چوندو هو مان اڪيلو ئي ڪافي آهيان، انهن کي روئاريندس، اڄ پاڻ اڪيلو ويهي روئي رهيو آهي، آزاد ڪشمير جو انهن جو پنهنجو وزيراعظم انهن خلاف شاهديون ڏئي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته جنهن 9 مئي تي شهيدن ۽ انهن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، اهو ڪٿي به لڪي ويٺو آهي، ٻڌي ڇڏي ته پاڪستاني قوم ۽ ڪشميري ان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندا، ان کي عبرت جو نشان بڻائي ڇڏينداسين.
