سيوھڻ واسين پاران ڪوٽڙي – روھڙي سيڪشن تي ٽرينن جي بحالي جو مطالبو

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ جي ريلوي اسٽيشن ٽرينون ڪوٽڙي کان روھڙي سيڪشن جون ن ھلڻ جي ڪري ريلوي اسٽيشن سيوھڻ ويران نظر اچي رھي آھي گذريل اٺن مھينن کان ڪوٽڙي کان روھڙي تائين جيڪي ٽرينون ھن سيڪشن تي ھلنديون ھيون آھي وفاقي گورنمنٽ پاڪستان جي ريلوي جي وفاقي وزير بند ڪرائي ڇڏيون آھن جيڪي ڪوٽڙي کان روھڙي تائين جيڪي ماڻھون ريلوي جو سفر ڪندا ھئا، اھي سخت پريشان نظر اچي رھيا آھن، جڏھن ت ڪوٽڙي کان روھڙي سيڪشن تي ڪيتريون ئي ريلوي اسٽيشنون آھن اھي پڻ اٺن مھينن کان مسلسل ويران نظر اچي رھيون آھن، جڏھن ت ريلوي اسٽيشنن  جا ملازم پڻ پريشان نظر اچي رھيا آھن، خدارا ڪجھ سنڌ جي عوام تي رحم ڪريو ڪوٽڙي کان روھڙي سيڪشن جون گذريل اٺن مھينن کان بند ڪيل ٽرينون بحال ڪرايو، ذريعن کان معلوم ٿيو ھئو ت پھرين جون2023 تي ڪوٽڙي کان روھڙي سيڪشن جون ٽرينون ھلايون وينديون پر اڄ 03 جون ٿي ويئي آھي ھڪ ب ٽرين ن ھلائي ويئي آھي، جيڪو سنڌ جي عوام سان دوکو وفاقي حڪومت جي ريلوي کاتي جو وفاقي وزير يا وري ڊي ايس ريلوي سکر يا وري ڊي ايس ريلوي ڪراچي ڪري رھيا آھن، سيوھڻ جي عوام وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شھباز شريف کان مطالبو ٿي ڪري ت خدارا ڪوٽڙي کان روھڙي سيڪشن تي بند ڪيل ٽرينون بحال ڪرائي ڏيو، ۽ سيوھڻ جي عوام جو ھي جائز مسئلو حل ڪرائي ڏيو.

جُون 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو