روھڙي: درگاھ فقير قادر بخش بيدل جو عرس مبارڪ  جو افتتاح ڪيو ويو

Spread the love

روهڙي(رپورٽر: علي خان چنجڻ) روهڙي درگاھ فقير قادر بخش بيدل جو ساليانو 155 عرس مبارڪ جي افتتاح جي موقعي درگاھ جي گادي نشين واري معاملي تان ايس ايس پي ڊي سي سکر جي سامهون جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران مڪون لتن جو وسڪارو پوليس ٻنهي جي 20 کان ماڻهن وڌيڪ گرفتار ڪري ورتو  جهيڙو ڪرائيندڙمک ماڻهو عبيد الله قريشي کي گرفتار نه ڪيو  درگاھ تي جنگ جو ميدان بڻجي وئي درگاھ جي گادي نشين  ٽڪرا جو  ڪيس غلام نجف قريشي  جو ها ڪورٽ سڳوري ۾ هلندڙ آهي  گاڏي نشي عرس مبارڪ جي سلسلي ۾ اي سي روهڙي وسيم مهر پاران ٻنهي کي اي سي آفيس روهڙي ۾ گهرائي ٻنهي ڌرين کي راضي ڪري ورتو  هو ٻئي ڌرين وچ ۾ 7 سرتيون تهي ڪيون ويون هيون پينافيلڪس ۽ بينر ۽ ايڪوشانڊ ۽ ٻئي ڌرين پنهنجي پنهنجي ڪمرن يا اوطاقن ۾ تقريبون ڪيون وڃن ٻئي ڌرين درگاھ جي اڳڻ ڪو به گاڏي شين تقريب نه ڪئي ويندي ڪنهن گاڏي نشين کي سيڪورٽي نه ڏني ويندي ان جي باوجود عبيد الله ۽ مولوي محسن قريشي ڌر اي سي روهڙي وسيم مهر جي فيصلي جي اڳرٿي ڪندي انتظاميا جي سامهون ڀڃڪڙي ڪندي درگاهه جي اڳڻ تي پروگرام جو سلسلو جاري رکيو ويو جڏهن ته ٻئي ڌرجي  گادي نشين غلام نجف قريشي اي سي روهڙي جي فيصلي کي برقرار رکندي پنهنجي اوطاق ۾ پروگرام منعقد ڪيو ويو درگاھ جي گادي نشين وارو ٽڪرار برقرار آهي  سنڌ جي مهشور درگاھ فقير قادر بخش بيدل جو ساليانو 155 عرس مبارڪ جو افتتاح ڊي سي سکر ۽ ايس ايس پي سکر مزار تي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جو افتتاح ڪيو.

جُون 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو