روهڙي: صوفي فقير قادر بخش بيدل جي عرس تقريب بد نظمي جو شڪار
سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ ) روهڙي ۾ صوفي فقير قادر بخش بيدل جي 155 هين عرس جي تقريب دوران ڌرين وچ ۾ جهيڙو، چار چاڙهڻ لاءِ آيل ڪميل حيدر شاهه، ڊي سي ۽ ايس ايس پي سکر واپس هليا ويا، راڳي فقيرن ۽ عقيدتمندن ۾ ڀاڄ، ٿرٿلو، پوليس هٿان ڌرين جا ماڻهو گرفتار، درگاهه جو ڪنٽرول پوليس حوالي، رپورٽ موجب سکر ضلعي انتظاميا صوفي فقير قادر بخش بيدل جي 155 هين عرس جي تقريبن کي تڪراري بڻائي ڇڏيو، تعلقي انتظاميا روهڙي طرفان جوڙيل ضابطه اخلاق جي سجاده نشين جي دعويدار هڪ ڌر کلي عام ڀڃڪڙي ڪندي درگاهه جي اڱڻ ۾ شاميانه هڻي ايڪو سائونڊ سسٽم لڳائي ويهي رهي، عرس جي پهرين ڏينهن منجهند جو درگاهه تي چادر چاڙهڻ لاءِ ڊي سي سکر ۽ ايس ايس پي سان سان گڏ آيل ڪميل حيدر شاهه جي موجودگي ۾ ڌرين وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿيڻ کانپوءِ هٿين پوڻ ڪري جهيڙو ٿي پيو، ان دوران ڪميل حيدر شاهه ۽ ايس ايس پي سکر ڌڪا ملڻ ڪري پوليس اهلڪارن جي حفاظت ۾ واپس گاڏين ۾ ويٺا، جڏهن ته ڊي سي سکر درگاه ۾ اندر حفاظت سان بيٺو رهيو، ڌرين جي جهيڙيندڙ ماڻهن کي ڇڏائڻ بجاءِ وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن جي نفري پري ٿي بيهي رهي، موقعي تي موجود ڊي آءِ بي انچارج قاضي سعيد جهيڙي تي ضاطبو اڻڻ لاءِ ڌرين جي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ رڙيون ڪندو رهيو، جنهن کانپوءِ ڊي ايس پي روهڙي منصور بوزدار ۽ ايس ايڇ او روهڙي شفيع محمد اڳتي وڌي هڪ ڌر جي پنجن ڄڻن فقير عبدالله قريشي، بيدل بخش، بيڪس بخش، ثاقب مغل ۽ راجا سميت 20 ڄڻن ۽ ٻي ڌر جي ٽي نامعلوم ماڻهن کي گرفتار ڪري روهڙي ٿاڻي تي آندو ويو، جتان فقير غلام نجف قريشي جي ڌر سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي سي سيڪشن ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو، جهيڙي جي ماحول دوران درگاه جي احاطي ۾ موجود عقيدتمندن ۽ مريدن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ ڌرين جي طرفان رٿيل الڳ الڳ تقريبن ۾ سنگ جي صورت ۾ عارفاڻا ۽ صوفياڻا ڪلام ڳائيندڙ راڳي فقيرن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، پوليس طرفان درگاه جو ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ ويراني ۽ سنساني جو ماحول ڇائنجي ويو، ٻي طرف صوفي عالم، عارف، مفڪر فقير قادر بخش بيدل جي 155 هين عرس جي پهرين چادر چاڙهڻ جي رسم ادا ڪرڻ لاءِ چڪتاڻ واري ماحول ۾ ٺاپر اچڻ بعد ڊي سي سکر شهزاد طاگر ٿهيم ۽ ايس ايس پي سکر سنگها رملڪ درگاه تي پهتا جن چادر چاڙهڻ جي رسم کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صوفي فقيرن جون درگاهون امن ۽ سلامتي جو در آهن، صوفي شاعر قادر بخش بيدل جي شاعري ۾ انسان دوستي ۽ ڀائپي جو پيغام سمايل آهي، هتي ايندڙ عقيدتمندن کي پڻ هڪ ٻئي سان هميشه سک سان رهڻ جو درس ملي ٿو، پر افسوس جو اڄ سجاده نشين جي دعويداري تان بيدل جي خاندان جا ماڻهو وڙهي پيا آهن، جنهن تي اسان کي دلي سدمو ۽ ڏک پهتو آهي، اسان جي ڪوشش دعا آهي ته جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف جلد کان جلد حل ٿي وڃن ته جيئن درگاهه تي رونق بحال ٿئي، هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي وسيم پهرين جون تي عرس جي تقريبن بابت منٽس منظور ڪيا هئا ته ڪابه ڌر عرس جي تقريب دوران پينافليڪس/بينر نه لڳائيندي، ڪابه ڌر لائوڊ اسپيڪر ۽ ايڪو سسٽم نه لڳائيندي، ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي اوطاق تي ويهنديون، انتظاميا درگاهه ۽ مسجد جو ڪنٽرول سنڀالڻ سميت درگاهه تي اڱڻ تي مهمانن ۽ عقيدتمندن جي آجيان ڪندي، ڌريون پنهنجي پنهنجي طور اوطاقن ۾ صوفي شاعري راڳي فقيرن ذريعي پرفارم ڪرائي سگهنديون، جنهن جي انتظاميا کين اجازت ڏئي ٿي، پر ڪنهن به ڌر کي انتظاميا پروٽوڪول فراهم نه ڪندي، سندن مهمان ذاتي حيثيت ۾ درگاهه تي اچي وڃي سگهندا، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي فقير غلام نجف قريشي، فقير اعجاز قريشي جو چوڻ هو ته ضلعي انتظاميا ۽ تعلقي انتظاميا سجاده نشين جي ڪجه سالن کان دعويدار ڌر جي ونگارو بڻيل آهي، اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مان درگاهه جي اڏاوت جو ڪيس کٽي آيا هئاسين، انهي کان اڳ هاءِ ڪورٽ ۽ سکر جي ماڊل ڪورٽ ۾ پڻ ڪيس جي پوئواري ڪئي، سکر جي ماڊل ڪورٽ ۾ درخواستگذار جا ماڻهو نه اچڻ ڪري ڪيس خارج ٿي ووي، جنهن کانپوءِ سجاده نشين جي دعويدار ڌر ٻيهر سکر جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن تي ٻڌڻيون ٿي رهيون آهن، پر ڪورٽ درگاهه جو انتظام دعويدار ڌر کي ڏيڻ بابت ڪوبه حڪم نامو جاري ناهي ڪيو، پر سجاده نشين جي دعويدار ڌر ضلعي انتظاميا کي گمراهه ڪندي درگاهه جو انتظام ملڻ وارو موقف اپنايو آهي، ٻي ڌر جي مولوي محمد محسن، عبيد الله قريشي جو چوڻ هو ته اسان ڪورٽن مان ڪيس کٽيندا آيا آهيون، ضلعي انتظاميا ڪورٽن جي فيصلن تي عمل ڪرائي اڄ عرس جي تقريب دوران مخالف ڌر وارن هٿ وٺي ماحول ڪرايو، جهيڙي ٿيڻ ڪري عرس جون تقريبون ڇڪتاڻ جي نظر ٿي ويون آهن ۽ پوليس اسان کي درگاهه جي لڳو لڳ مسجد ۾ نماز پرهڻ کان به منع ڪري ڇڏي آهي، اهري زيادتي جو نوٽيس وٺن گهرجي.
جُون 5, 2023