روهڙي: جھانگرو پوليس پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن جو مظاهرو

Spread the love

روهڙي (رپورٽر: علي خان چنجڻ)روهڙي ۾ جھانگرو پوليس پاران مبينا طور کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو انصاف جي گهر، تفصيل موجب پنوعاقل جي صوفي محلا جي رھواسي پيرسن علي گوهر رند پنھنجي نھن صوبيه زال عمران رند ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ روهڙي پريس ڪلب پھچي جھانگرو ٿاڻي جي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيو آهي ته منهنجو پٽ عمران علي رند ٻہ ڏينهن اڳ منڊو ديرو ۾ پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ آيو هو جيڪو اتان چانھ پيئڻ لاءِ ھوٽل تي ويو ته اتان جھانگرو پوليس بيگناهه کنڀي گم ڪيو آهي پوليس نوجوان بابت ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي، اسان کي خدشو آهي ته پوليس نوجوان کي ڪو نقصان نه پھچائي مظاهرين آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي جھانگرو پوليس خلاف قانوني ڪارروائي ڪري نوجوان کي بازياب ڪرائي تحفظ ۽ انصاف ڏياريو وڃي.

جُون 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو