دادو : ميھڙواسي صحافي انور کوکر دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ ميھڙ شهر جي رهواسي صحافي انور کوکر دادو پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دادو جي لنڊ محله ۾ گوگهٽ ڏاڪڻ جي ڌي نصرت ڏاڪڻ سان سال 2020 ۾ شادي ڪئي ھئي.شادي بعد منهجي سس ۽ سهرو مختلف حربا هلائي بليڪ ميل ڪندا رهيا هن چيو ته مونکي خبر پئي ته منهجي سس وحيده ۽ سهرو گوگهٽ ڏاڪڻ دادو جي لنڊ محلا ۾ فحاشي جو اڏو ھلائيندا آهن ته مون پنهجي زال کي پنهجي مائيٽن ڏي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، ڏيڊ مهينو اڳ مان ضروري ڪم سان ڪجھ ڏينهن لاء حيدرآباد شهر ويل هئس ته منهجي غير موجودگي ۾ منهنجا ساهرا منهنجي گهر مان 25 لکن جو قيمتي سامان ۽ هڪ سال جو منهنجو پٽ عثمان ۽ زال نصرت کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا.منهنجي زال قمبر شھر جي عدالت ۾ طلاق لاء وئي آھي. مونکي خدشو آهي ته منهجي سس سهرو ۽ زال ملي ڪري منهجي پٽ کي ماري ڇڏيو آهي. هن ايس ايس پي دادو ۽ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گوگهٽ ڏاڪڻ جي ڪاروبار جي جاچ ڪري فحاشي ڌنڌو ڪندڙ زال مڙس کي دادو پوليس فحاشي هلائڻ جي الزام ۾ گرفٿار ڪري مون کي پنهنجو پٽ عثمان واپس ڪرائي ڏنو وڃي.
جُون 5, 2023