دادو: بااثر ٺيڪيدارن، سياسي ماڻهن کي غير قانوني ٺيڪا ڏيڻ جو انڪشاف
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو ڊسٽرڪٽ ھائي وي روڊ ڊويزن ۾ 75 ڪروڙ جي 121 ترقياتي اسڪيمن ۾ بااثر ٺيڪيدارن ۽ سياسي ماڻهن کي غير قانوني طور ٺيڪا ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. اهڙي عمل خلاف ٺيڪيدارن عدالت جو در کڙڪايو 8 جون تي عملدار سيشن ڪورٽ طلب. ڊسٽرڪٽ ھائي وي ڊويزن دادو پاران 16 مئي تي 121 ترقياتي اسڪيمن جن ۾ دادو.جوهي.ميهڙ.ڪي اين شاھ جون ترقياتي اسڪيمن جا ٽينڊر اشو ڪيا هئا. بغير ڇنڊ ڇاڻ جي 17 مئي تي عملدارن. سياسي ماڻھن کي غير قانوني طور ٺيڪا چار پنج ڪمپنين کي رشوت عيوض وڏي ريٽ تي ڏئي ڇڏيا. اهڙي ملي ڀڳت خلاف دادو ٺيڪيدار يونين جي اڳواڻن حبدار علي ڀنڊ.گل محمد چنا.الطاف پنهور ۽ ٻين پاران دادو جي سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آھي. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آھي ته ڄاڻايل 75 ڪروڙ جي 121 ترقياتي اسڪيمن جو رڪارڊ گهرائي ٺيڪن جي جانچ ڪئي وڃي. دادو جي عدالت ٺيڪيدارن جي درخواست تي لاڳاپيل عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي 8 جون تي رڪارڊ سميت عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آھي. جنهن بعد هاء وي روڊس عملدارن جون ننڊون حرام ٿي ويون سياسي نمائندن طرف سندن ڊوڙون شروع ٿي ويون آهن.
جُون 5, 2023