جوهي: نَنگر داريو کوسو واسين جو ڊرگھه بالا پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) جوهي لڳ ڳوٺ نَنگر داريو کوسو جي رهواسي مرد عورتن ۽ مَعصوم ٻارڙن گهر ۾ گهڙي عورتن ۽ مَعصوم ٻارڙن تي تشدد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري ڊرگه بالا پوليس جي زيادتين خلاف مسمات حاجران مسمات خيران, مسمات جئندي, دائود برهماڻي غلام شبير برهماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ڪاڇي اسٽاپ کان احتجاجي مُظاهرو ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو اُن موقعي تي مُتاثرين ڳوٺاڻي عورتن ميڊيا اڳيان داهيندي الزام هنيو آھي ته ڪجھ وقت اڳ مسجد جي چندي جي چوري جو الزام هڻي  ڪيس داخل ڪرايا مگر ڪيس ڪوڙو ٿيڻ ڪري گُذريل رات ست کان وڌيڪ جوابدار گهر ۾ ھٿيارن سان داخل ٿي انسانيت جا سڀئي ليڪا لَتاڙي گهر ۾ سُتل عورتن ۽ مَعصوم ٻارڙن تي تشدد ڪندي ڳوٺ مان لَڏو کڻن جو چيو ۽ قتل ڪرائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون هنن چيو ته اهڙي تشدد جي واقعي خلاف ڊرگه بالا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آھي مگر پوليس با اثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاء ڳري رُشوَت وٺي تحفظ ڏئي اسان کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاء ڌَمڪائي حراسان ڪري رهيا آھن آخر ۾ ھنن ايس ايس پي دادو ڊي ايس پي جوهي ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مُطالبو ڪيو آھي ته عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري ڊرگه بالا پوليس جي زيادتين جي انڪوائري ڪرائي ملوث ايس ايڇ او ۽ ٻئي عملي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

جُون 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو