پنجاب جي ڪچي ۾ مغوين جو ڌاڙيلن تي حملو، هڪ ڌاڙيل ۽ 2 مغوي مارجي ويا

Spread the love

سنڌ پنجاب دنگ تي مغوين جو ڌاڙيلن تي حملو، هڪ ڌاڙيل ۽ 2 مغوي مارجي ويا پنجاب جي ڪچي واري علائقي ۾ مغوين ڌاڙيلن تي حملو ڪيو، هڪ ڌاڙيل ۽ 2مغوي مارجي ويا، هڪ مغوي زخمي ٿي پيو پنجاب جي ڪچي ۾ پهري تي ويٺل ڌاڙيل نوٿو شر کي ننڊ اچي وئي ته مغوين سندس رائيفل کڻي کيس ماري ڇڏيو مارجي ويل ڌاڙيل جي ساٿين جي فائرنگ ۾ 2 مغوي به مارجي ويا، هڪ زخمي ٿي پيو پوليس اختيارين موجب واقعو ماڇڪو ٿاڻي جي حد  چوڪي نمبر  هڪ تي پيش  آيو رائونتي پوليس موجب ڌاڙيلن وٽ 6 مغوي يرغمال بڻيل هئا،  جن مان 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ  زخمي ٿي پيو آهي رائونتي پوليس ۽ پنجاب پوليس  پاران مارجي ويل مغوين جا لاش هٿ  ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن ڌاڙيلن هٿان مارجي ويل  مغوين جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي، لاش ڌاڙيلن جي قبضي ۾ پيل آهن

جُون 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو