50 هزار نوجوانن کي آءِ ٽي ڪورسز جي تعليم ڏني ويندي: گورنر سنڌ ڪامران خان ٽسوري
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي صدارت هيٺ گورنر ھائوس ۾ سوفٽ ويئر هائوسز جي سربراهن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ متحده قومي موومينٽ جو سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڊاڪٽر سيف الرحمان، سنڌ جي آءِ ٽي اسسٽنٽ مزمل اطھر، آءِ ٽي ماهر دانيال ناگوري به ملاقات ۾ موجود هئا، اجلاس ۾ صوبي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي ھٿي وٺرائڻ، گورنر ايني شيٽو جي سربراهي ۾ نوجوانن لاءِ آئي ٽي ڪورس ڪرائڻ، انهن جي نصاب جي تياري، آئي ٽي مارڪيٽ کي عالمي سطح تي استعمال ڪرڻ ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي سنڌ گورنر چيو ته گورنر ايني شيٽو جي سربراهي ۾ 50 هزار نوجوانن کي آءِ ٽي ڪورسز جي تعليم ڏني ويندي، جڏهن ته انهن نوجوانن جي چونڊ لاءِ جلد گورنر هائوس ۾ ٽيسٽ ورتي ويندي، گورنر سنڌ چيو ته ڪراچي کي آءِ ٽي جو مرڪز بڻائڻ منهنجو خواب آهي، هن چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ صحيح ڊيٽا ڄاڻڻ ضروري آهي، ڪامران خان ٽيسوري چيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس، ميٽاورس ۽ ويب 3 جي ڪورسز کي دنيا ۾ تمام گهڻي گهرج آهي، گورنر ايني شيٽو جي صدارت هيٺ انهن ڪورسز لاءِ ويب سائيٽ www.governorsindh.com کي فعال ڪيو ويو آهي، نوجوان وڏي انگ ۾ ان تي پاڻ کي رجسٽريشن ڪرائي رهيا آهن، گورنر سنڌ چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ بيشمار موقعا موجود آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن مان فائدي کڻڻ جي ضرورت آهي، ھن چيو تہ عوامي ڀلائي پھرين ترجيح آهي، ان ڪورسز ۾ سيلاني ٽرسٽ ۽ جي ڊي سي جو تعاون شامل آھي، ڪامران خان ٽيسوري چيو ته سوفٽ ويئر هائوسز به انهن ڪورسز ۾ تعاون ڪري سگهن ٿا، ڪورسز جي شروعات کان پوءِ شاگرد کي پنهنجي پنھنجي سوفٽ ويئر هائوسز جي باري ۾ ٻڌائي سگھجي ٿو، اجلاس ۾ سوفٽ ھائسز جي مالڪن چيو ته سنڌ جي گورنر هڪ وڏو قدم کنيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سوفٽ ويئر هائوسز ان ۾ گڏ آهن، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر آصف پير، سينيئر وائيس پريزيڊنٽ Arpatech برگيڊيئر (ر) طارق رفيق، سي اي او ٽي پي ايس شهزاد شاهد، ايس آءِ گلوبل سلوشن ذيشان احمد خان، احساس جهانگير ۽ فائق عباس (سوفٽولوجڪس)، ڪو فائونڊر ويمزا حمزه ظفر، پلگ آئي ٽي سلوشن قائم، ذيشان شڪيل ۽ ارسلان خان (VinnCorp)، ڪائونٽر سافٽ ويئر وسيم احمد، ڊي جي ڪوپ سلوشن محمد صادق، پلگ اورينج پاڪستان رضا محمد خان، انڪورج ڪراچي منيب، ڊائريڪٽر انفيوجن ڪريٽو ايجنسي شفيع محمد صديق، عديل رشيد ۽ ابوبڪر موجود ھئا.
جُون 3, 2023